Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا؛ محمد ڏاڍو پيارو نالو آهي، هن نالي جي وڏي تعريف حديثن ۾ آئي آهي. جيڪڏهن تَصۡغير(يعني نالو بگڙڻ) جو انديشو نه هجي ته اهو ئي نالو رکيو وڃي ۽ هڪ صورت اها آهي ته عقيقي جو اهو نالو هجي ۽ پڪارڻ جي لاءِ ڪو ٻيو نالو رکيو وڃي ته جيئن نالو بگاڙڻ کان به بچي سگهجي. 

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو طريقيڪار

اعليٰ حضرت، امام اهل سنت، مجدد دين و ملت، مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون پنهنجي سڀني پٽن ڀائٽين جو عقيقي ۾ صرف مُحَمَّد نالو رکيو پوءِ مبارڪ نالي جي اَدَب ۽ سڃاڻپ جي لاءِ عُرفي نالا الڳ الڳ رکيا. (فتاویٰ رضویہ،جلد:24،صفحہ:689)  

عاشق اعليٰ حضرت جو طريقيڪار

جڏهن شيخِ طريقت امير اهل سنت باني دعوت اسلامي حضرت علامه و مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه کان ڪنهن جو نالو رکڻ جي لاءِ درخواست ڪئي ويندي آهي ته عام طور تي اميراهلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه ان ٻار جو نالو: مُحَمّد ۽ سڏڻ جي لاءِ عُرفي نالو مثلاً: رَجب وغيره رکندا آهن.

پٽ جو نالو مُحَمّد رکو ته ان جي عزت به ڪيو

جڏهن ڪو شخص پنهنجي پٽ جو نالو مُحَمَّد رکي ته ان سان سٺو سلوڪ ڪري ۽ ان جي عزت ڪري. مولا مشڪل ڪشاء حضرتِ علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: جڏهن توهان پُٽ جو نالو مُحَمَّد رکو ته ان جي عزت ڪيو ۽ مجلس ۾ ان جي لاءِ جڳھ ڪشاده ڪيو ۽ ان جي نسبت برائي جي طرف نه ڪيو. (تاریخِ بغداد،جلد:3،صفحہ:305،رقم:1398) هڪ ٻي حديث شريف ۾ آهي ته رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن ڇوڪري جو نالو محمد رکو ته ان کي نه ماريو ۽ نه ئي محروم ڪيو. (مسندِ بزّار،جلد:9، صفحہ:327، حدیث:3883)