Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

هئا پر الله پاڪ جي قدرت جو هي وڻ ٻيهر سرسبز ۽ شاداب ٿي ويندو هو، هڪ ڀيرو انهن وڻ کي ڪٽي، ان جي پاڙن ۾ سيهو ڀري ڇڏيو پر ربّ پاڪ جي عظيم الشان قدرت تي قربان وڃُون! ڪجھ ئي ڏينهن کان بعد ان سيهي جي اندران وري ان وڻ جون 4 ٽاريون نڪري آيون ۽ هر ٽاري تي ڪلمو شريف لکيل هو. (هي حيرت انگيزي منظر ڏسي ڪري اهي سڀئي مسلمان ٿي ويا،) ان کانپوءِ اهي ئي ماڻهو هن وڻ مان برڪتون حاصل ڪندا هئا. بيماري ۾ ان جون ٽاريون استعمال ڪندا هئا ته کين شفا ملي ويندي هئي. (السیرۃ الحلبیہ،باب ما جاء من امر رسول اللہ …الخ ،جلد:1 ،صفحہ:318)

مُحَمَّد ہی مُحَمَّد ہیں جہاں میں                                                                                مُحَمَّد کے ہیں جلوے ہر زماں میں

مُحَمَّد ہیں زمین و آسماں میں                                                                                     مُحَمَّد ہیں مکان و لامکاں میں

مُحَمَّد باعِثِ ایجادِ عالَم                                                                                                              مُحَمَّد ہیں خُدا کے ہر نشاں میں

ہے میٹھا شہد سے بھی نام اُن کا                         بہاریں وہ ہی لاتے ہیں خزاں میں

اسمِ مُحمَّد جنت ۾ وٺي  ويندڙ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي مُحَمَّد جون برڪتون آهن، جيڪڏهن ڪو انسان هن اسم مبارڪ مان برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو يا پنهنجي ٻارن جو نالو مُحَمّد رکي ته ان کي به کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون. * پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ      صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن وٽ پٽ ڄائو ۽ منهنجي محبت ۽ برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان جو نالو مُحَمّد رکي ته اهو ۽ سندس پٽ ٻئي جنت ۾ ويندا.    (کنز العمال،کتاب النکاح،الباب السابع،الفصل الاول ،جز:16، جلد:8،صفحہ:175،حدیث:45215) * هڪ ٻي حديث شريف ۾ آهي: جنهن منهنجي نالي مان برڪت جي اُميد ڪندي منهنجي نالي تي نالو رکيو، قيامت تائين صبح ۽ شام ان تي برڪتون نازل ٿينديون