Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

محبوب رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي مبارڪ جي برڪت سان عرشِ اعظم جي اها هيبت واري ڪيفيت ختم ٿي وئي، عرش اعظم  کي راحت ملي وئي.

(مواہب اللدنیہ، المقصدالخامس:الاسراءوالمعراج، جلد:2، صفحہ:388)

 غم کی گھٹائیں چھائی ہیں سر پر                          کر دے اشارہ نامِ مُحَمَّد

رنج و الم میں ہیں نام لیوا                                    کر دے اشارہ نامِ مُحَمَّد

بیڑا تباہی میں آ گیا ہے                                      دیدے سہارا نامِ مُحَمَّد

زخمی جگر پر مجروح دِل پر                                    مرہم لگا جا نامِ مُحَمَّد([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 وڻ تي اِسم مُحمد

علامه يوسف بن اسماعيل نبهاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  لکن ٿا: هڪ بُزرگ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائي ٿو: هڪ ڀيرو منهنجو هندستان وڃڻ ٿيو، هڪ شهر ۾ پهتس، ته اُتي مون هڪ وڻ ڏٺو جنهن جا ميوا بادام وانگر هئا، ان جون 2 کلون هيون، جڏهن کيس کوليو ويندو هو ته اندران هڪ سبز رنگ جو پن نڪرندو هيو، جنهن تي قدرتي طور تي لَا اِلٰہَ اِلَّا للہُ مُحَمَّد رَّسُوْلُ اللہ لکيل هوندو هو، اُن شهر جا ماڻهون ان وڻ مان برڪتون حاصل ڪندا هئا، قحط سالي جي ڏينهن ۾ ان جي وسيلي سان دعا گهرندا هئا ته مينهن وسي پوندو هو. (حجۃ اللہ علی العالمین، الباب الثامن فی بعض ما وجد مکتوبًا…الخ،صفحہ:158)   

انهيءَ طرح جي هڪ روايت سيرت حلبيه ۾ به موجود آهي، ان ۾ لکيل آهي: هندستان جي علائقي ۾ هڪ وڻ هيو، جنهن جا پن سائي رنگ جيان هئا، ان جي هر پن تي گهاٽي رنگ سان لَا اِلٰہَ اِلَّا للہُ مُحَمَّد رَّسُوْلُ اللہ لکيل هوندو هو. ان شهر جا رهڻ وارا ڇوته غير مسلم هئا، تنهنڪري هُو ان وڻ کي ڪٽي ڇڏيندا


 

 



[1]...قبالۂ بخشش، صفحہ:135 ۔