Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat
ڇڏيو آهي۔ (حلیۃ الاولیاء،جلد:4،صفحہ:45،رقم:4695)
اَعمال نہ دیکھے یہ دیکھا محبوب کے کُوچے کا ہے گدا
مولا نے مجھے یوں بخش دیا سُبْحٰنَ اللہ! سُبْحٰنَ اللہ!
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته شان آهي درود شريف پڙهڻ واري جو...!! اندازو لڳايو! انسان گنهگار آهي، ان ٻه سؤ سال گناهن ۾ گذاري ڇڏيا پر هُو محبوبِ خُدا محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت ڪندو هو، انهيءَ محبت ۾ سرشار ٿي ڪري درود پاڪ پڙهندو هو ۽ درود شريف به ڪيترو پڙهندو هيو...؟؟ روايتن ۾ اهو بيان ناهي ٿيو ته هي ٻانهو روزانو هزار ڀيرا درود شريف پڙهندو هو، روزانو 500 ڀيرا درود پاڪ پڙهندو هو، 200، 300، 400 ڀيرا درود پاڪ پڙهندو هو، نه..! نه، روزانو درود شريف پڙهڻ جو ذڪر ناهي بلڪه تورات شريف کوليندو هو، ان وقت درود شريف پڙهندو هو، الله پاڪ کي ان جي اها ئي ادا پسند اچي وئي ۽ ربّ ڪائنات ان جا 200 سالن جا گناھ به معاف فرمائي ڇڏيا، ان کي جنت به عطا فرمائي ڇڏي ۽ وڌيڪ ڪرم مٿان ڪرم اهو ٿيو ته 70 جنتي حورن سان سندس نڪاح ڪري ڇڏيو.
هاڻي ٿورو غور ڪيو! هي ته بني اسرائيل جو هڪ شخص هو، ان تي ايترو ڪرم ٿيو اسان ته غلامانِ مصطفيٰ آهيون، اسان پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا امتي جيڪڏهن درود شريف پڙهون ۽ ڪڏهن ڪڏهن نه بلڪه روزانو پڙهون، ٿورو نه بلڪه ڪثرت سان پڙهون ته اسان تي الله پاڪ جون ڪهڙيون ڪهڙيون رحمتون وسنديون..؟ انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته روزانو پابندي سان ڪثرت سان درود شريف پڙهڻ جي عادت بڻايون.
ہر دَم مِری زباں پہ دُرُود و سلام ہو میری فُضُول گوئی کی عادَت نِکال دو([1])
ہوں دُرُود و سَلام میرے لب پر مُدام ہر گھڑی دَم بَدم، تاجدارِ حرم([2])