Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

بادشاهي هميشه جي لاءِ مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کي عطا فرمائي ڇڏي آهي.

میم مئے توحید پِلائے                                   اور حا حق سے آ کے مِلائے

دوسری میم مراد دِلائے                              اور یہ دالِ مُحَمَّد یارو

دور کرے آلام، شہد سے میٹھا مُحَمَّد نام

میم سے ہے ہر دکھ کا مداوا                            حا ہے حامئ ہر بیچارہ

دوسری میم یتیم کی ملجاء                                دال بچا کر دوزخ سے

فردوس کا دے پیغام، شہد سے میٹھا مُحَمَّد نام

میم سے ہیں محبوب وہ رَبّ کے                     حا سے حاکم عرب و عجم کے

دوسری میم سے مالِک سب کے                   دال سے داتا دونوں جہاں کے

جود ہے ان کا عام، شہد سے میٹھا مُحَمَّد نام

اسم مُحَمَّد جون برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پيارو پيارو نالو مُحَمَّد انتهائي خوبصورت هجڻ سان گڏوگڏ نهايت ئي بابرڪت به آهي، هن نالي مبارڪ جي برڪت سان دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائيون ملنديون آهن، هدايت نصيب ٿيندي آهي، مشڪلاتون ٽرنديون ۽ بگڙيل قسمت سنورجي ويندي آهي.

 هر هڪ جو سهارو  نالو مُحمَّد

مَواهبُ اللَّدنۡية ۾ آهي: الله پاڪ جڏهن عرش اعظم کي تخليق فرمايو ته عرش تي الله پاڪ جي جلال جي ڪري هيبت طاري هئي، عرش ڏڪي رهيو هو، پوءِ ان تي لَااِلٰہَ اِلَّا اللہُ لکيو ويو، ان سان عرش جي هيبت ويتر وڌي وئي,، وڌيڪ ڏڪڻي طاري ٿي وئي هاڻي ان تي مُحَمَّدٌرَّسُوْلُ اللہ لکيو ويو، رحمتِ ڪُل جهان،