Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat
پڙهندا آهن. پوءِ پاڻ عربي جو هڪ شعر پڙهيائون:
مُحَمَّدٌ مِیْمُہٗ مَوْتُ لِکُفْرِ حَیَاۃُ الْقَلْبِ لِلْمُؤْمِنِ بِحَاہٍ
وَمِیْمٌ ثَانِی مَوْجُ الْمَوَاہِبِ وَ دَالُ خَیْرٍ دَالٌ لَا اِشْتِبَاهٍ
يعني محمد جي لفظ جو پهريون ميم ڪفر جي لاءِ موت آهي ۽ ان جي حا ۾ مسلمانن جي دل جي حيات(يعني زندگي) آهي، ان جو ٻيو ميم مواهب يعني پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عنايتن ۽ عطائن جي لهر آهي ۽ لفظ محمد جو دال هر ڀلائي جو رهنُما آهي. ان ۾ ڪا شڪ جي گنجائش ناهي. (وسائلِ فردوس،صفحہ:51 ملتقطًا)
دونوں جہاں میں دُنیا و دِیں میں ہے اک وسیلہ نامِ مُحَمَّد
مؤمن کو کیوں ہو خطرہ کہیں پر دِل پر ہے کَنْدَہ نامِ مُحَمَّد
روزِ قیامت میزان و پُل پر دے گا سہارا نامِ مُحَمَّد([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
مُحمَّد ٻنهي جهانن جا مالڪ و مختار آهن
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته پيارو نالو آهي، ان جي هر حرف ۾ حڪمتون لڪيل آهن. درود پاڪ جي مشهور ۽ معروف ڪتاب دلائل الخیرات شریف ۾ آهي: مُحمَّد جي لفظ جي ٻنهي ميمن جو مطلب آهي: مُلۡڪ (يعني بادشاهي)، حا جو مطلب آهي: رَحۡمَت ۽ دال جو مطلب آهي: دَوَام (يعني هميشگي).
مطلب هي آهي ته مُلۡڪ (يعني بادشاهتون) 2 آهن (1) هڪ دنيا جي بادشاهي ۽ (2) ٻئي آخرت جي بادشاهي، لهٰذا مُحَمَّد جي لفظ جي انهن 4 اکرن ۾ اشارو هن طرف آهي ته الله پاڪ ٻنهي جهانن جي رحمت ڀري، شفقت ۽ عنايت ڀري