Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

بڻايو آهي يعني تمام نبين جا اوصاف ۽ ڪمال سندن ۾ جمع فرمائي ڇڏيا.

نوح و خلیل و موسیٰ و عیسیٰ                                         سب کا ہے آقا نامِ مُحَمَّد

سارے چمن میں لاکھوں گلوں میں                            گل ہے ہزارا نامِ مُحَمَّد

پائیں مرادیں دونوں جہاں میں                                 جس نے پُکارا نامِ مُحَمَّد([1])

اِسۡمِ مُحَمَّد ۽ عقيده ختم نبوت

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري نالي مُحَمّد جي متعلق علماءِ ڪرام هڪ نهايت خوبصورت نڪتو بيان ڪيو آهي، فرمائن ٿا: لفظ مُحَمَّد حمد مان بڻيو آهي ۽ حَمۡد هميشه آخر ۾ ڪئي ويندي آهي، جيئن. * اسان کاڌو کائيندا آهيون ته آخر ۾ اَلحَمۡدُلله چوندا آهيون * جڏهن پاڻي پيئندا آهيون ته آخر ۾ اَلحَمۡدُلله! چوندا آهيو انهيءَ طرح ڪوبه ڪم هجي، اهو ڪري ڇڏڻ کان بعد حمد ڪئي ويندي آهي، ايستائين جو الله پاڪ اهل جنت جي متعلق فرمايو:

وَ اٰخِرُ  دَعۡوٰىہُمۡ اَنِ  الۡحَمۡدُ  لِلّٰہِ  رَبِّ  الۡعٰلَمِیۡنَ (۱۰)                    

ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن جي دعا جو اختتام هي آهي ته تمام تعريفون ان الله جي لاءِ آهن جيڪو سمورن جهانن جو پالڻهار آهي.

خبر پئي، حمد هميشه آخر ۾ ئي ڪئي ويندي آهي، هاڻي گذريل سڀني نبين سڳورن جا نالا پڙهي ڏسو! انهن مان ڪنهن جو نالو مُحَمّد نه هو، ڇو؟ انهيءَ ڪري جو اڃا نبوت جو سلسلو جاري هو، الله پاڪ سڀني کان آخر ۾ مُحَمّد مصطفيٰ، احمد مجتبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي موڪليو، انهن جو نالو مبارڪ


 

 



[1]...قبالۂ بخشش، صفحہ:134 ۔