Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat
علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: الله پاڪ ڪم و بيش 1 لک 24 هزار انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام موڪليا آهن، انهن مان جيڪي رسول آهن، انهن جي تعداد 313 آهي ۽ لفظ محمد جي عِلۡمِ بَسۡط جي اعتبار سان اعداد به 313 آهن، ان ۾ اشارو آهي ته مُحَمّد انهن 313 رسولن جي اوصاف، انهن جي ڪمال، بلند مقام ۽ خوبين جا جامع آهن.
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءُ ته هڪ اشارو هو، نه ته سچي ڳالھ هي آهي ته پهريان جيترا به نبي ۽ رسول گذريا آهن، انهن سڀني کي جيتريون خوبيون، جيترا ڪمال عطا ڪيا ويا هئا، اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهي سڀئي وصف عطا ڪيا ويا آهن بلڪه حق ته هي آهي جو انهن کي به جيڪو ڪجهه مليو هو محبوبِ رحمٰن، نبين جي سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ئي مليو هو. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ڪيترن ئي نبين جو ذڪر ڪرڻ کان بعد فرمايو:
اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ ہَدَی اللّٰہُ فَبِہُدٰىہُمُ اقۡتَدِہۡ ؕ
ترجموڪنزالعرفان؛ هي ئي اهي (مقدس) هستيون آهن جن کي الله هدايت ڪئي ته اوهان انهن جي هدايت جي پيروي ڪيو.
مشهور مفسر قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي اَحمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت جي تفسير ۾ لکن ٿا: يعني اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان گذريل نبين عَلَيۡهِم السَّلَام کي کوڙ اوصاف ۽ ڪمال عطا فرمايا هئا، اوهان انهن تمام اوصاف و ڪمال جا جامع بڻجي وڃو ته جيئن جيڪي ڪمال انهن ۾ هڪ هڪ، ٻه ٻه هئا، اهي سڀئي توهان ۾ جمع ٿين، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪيزه زندگي هن آيت جي واضح تفسير آهي. هن مان معلوم ٿيو، الله پاڪ پنهنجي محبوب کي صفتن جو جامع