Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

   هن آيت ڪريمه ۾ لفظ ڪَلِمَات مان ڇا مراد آهي، ان متعلق مُفسرن جا مختلف اقوال آهي، شيخ محدث دهلوي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اهل تحقيق جي نزديڪ ربّ جي ڪلمات مان مراد اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، هاڻي آيتِ ڪريمه جو مطلب هي بڻبو ته جيڪڏهن سمنڊ جو پاڻي مَس بڻجي وڃي ۽ سڄي دنيا جا ليکڪ قلم کڻي هن پاڻي سان اوصافِ مصطفيٰ لکڻ شروع ڪن، جيتوڻيڪ ان سمنڊ جي برابر اوترو ئي پاڻي وڌيڪ اُن ۾ شامل ڪيو وڃي، پوءِ به اها مَس ختم ٿي ويندي پر محبوب ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا  اوصاف ۽ ڪمالات ختم نه ٿيندا.

سيدي اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇا ته خوب ڳالھ ڪئي آهي.

تیرے تَو وَصْف عیبِ تناہی سے ہیں بَری                  حَیْراں ہوں میرے شاہ میں کیا کیا کہوں تجھے([1])

وضاحت: ڪنهن شيءِ جو ختم ٿي وڃڻ به هڪ طرح جو عيب هوندو آهي. الله پاڪ پنهنجي محبوب کي هر عيب کان پاڪ رکيو آهي ته اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  عرض ڪري رهيا آهن: اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جا اوصاف، اوهان جون خوبيون ختم ٿي وڃڻ جي عيب کان به پاڪ آهن مان حِيران آهيان ته اوهان جون ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون بيان ڪيان.

لفظ مُحَمَّد جي  اعداد ۾ عجيب راز

پيارا اسلامي ڀائرو! شايد اسان سڀني کي خبر هوندي ته لفظ مُحَمَّد جا اعداد ڪيترا آهن؟ 92. ياد رکندا! هي جيڪي 92 اعداد آهن، هي عِلۡمِ اَبۡجَد جي اعتبار سان آهن. اعداد ڪڍڻ جو هڪ ٻيو به طريقو آهي، جنهن کي عِلۡمُ الۡبَسۡط چوندا آهن، ان جي مطابق اسمِ محمد جا اعداد 92 نه بلڪ 313 بڻجن ٿا. (الحقیقۃ المحمدیہ، و من جواہر العارف باللہ الشیخ علی …الخ،صفحہ:632خلاصۃً۔)  


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:175۔