Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

خوبين وارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

پيارا اسلامي ڀائرو! معنيٰ جي لحاظ کان پياري نالي مُحمَّد جي هڪ ٻي خصوصيت آهي. غور فرمايو! جنهن انسان جون خوبيون محدود هجن، ان جي تعريف به محدود ٿيندي، مثلاً هڪ انسان جون 100 خوبيون آهن، هاڻي ان جي تعريف ڪرڻ شروع ڪيو، هڪ خوبي بيان ٿي، ٻي، ٽئين بيان ٿي، آخر 100 جون 100 خوبيون بيان ٿي وينديون ته تعريف به ختم ٿي ويندي، اهڙي طرح ڪنهن جون لک خوبيون هجن، ان جي تعريف شروع ڪيو، آخر اها تعريف به ختم ٿي ويندي.

پر قربان وڃو! اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پيارو نالو مُحَمَّد آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: اها ذات جنهن جي صرف تعريف يعني ساراھ ئي ساراھ ڪئي وڃي. مطلب هي آهي ته مُحَمَّد اها ذات آهن جڏهن کان زمين بڻجي، جڏهن کان آسمان بڻيو، جڏهن کان هي چنڊ، تارا، سج بڻيا، جڏهن کان انسان، جنّ ۽ ملائڪ بڻيا، ان کان به هزارين سال پهريان انهن جي ساراھ ڪئي پئي وڃي ۽ قيامت تائين ٿيندي رهندي يعني هي اها ذات آهي جنهن جي تعريف جي انتها ناهي جڏهن تعريف جي ڪا انتها ناهي ته خبر پئي انهن جي خوبين جي به ڪا انتها ناهي.

جيڪڏهن سمنڊ مَس بڻجي وڃي ته به....!!

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

قُلْ لَّوْ كَانَ الْبَحْرُ مِدَادًا لِّكَلِمٰتِ رَبِّیْ لَنَفِدَ الْبَحْرُ قَبْلَ اَنْ تَنْفَدَ كَلِمٰتُ رَبِّیْ وَ لَوْ جِئْنَا بِمِثْلِهٖ مَدَدًا(۱۰۹)

(پارہ:16، الکہف:109)

ترجموڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: جيڪڏهن سمنڊ منهنجي رب جي ڪلمن جي لاءِ مَس بڻجي وڃي ته ضرور سمنڊ ختم ٿي ويندو ۽ منهنجي ربّ جا ڪلما ختم نه ٿيندا جيتوڻيڪ اسان ان جي مدد جي لاءِ انهيءَ سمنڊ جهڙو ٻيو سمنڊ آڻيو.