Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

پنهنجو پاڻ کان شرم ايندي هئي ته اسان چئون ٿا مُحمّد(يعني جن جي تعريف ئي تعريف ڪئي وڃي) ۽ ڪيون وري برائي ٿا، سو انهن پنهنجي طرفان پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ بناوٽي نالو رکي ڇڏيو، هاڻي انهن کي جڏهن به برائي ڪرڻي هوندي هئي ته چوندا هئا؛ مُذَمَّم (يعني جنهن جي برائي ئي برائي ڪئي وڃي) اهي اهڙا آهن. جڏهن انهن هي انداز اپنايو ته بخاري شريف جي حديث شريف ۾ آهي، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: (اي منهنجا صحابه!) ڇا توهان تعجب نٿا ڪيو ته الله پاڪ مون کي ڪافرن جي گارين کان محفوظ رکيو آهي، هُو مُذَمَّم کي گاريون ڏين ٿا: وَ اَنَا مُحَمَّد صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم  جڏهن ته مان مُذَمَّم ناهيان بلڪه محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهيان. (بخاری،کتاب المناقب،باب ما جاء فی اسماء رسول اللہ ،صفحہ:903،حدیث:3533ملتقطًا)

سبحٰن اللہ!  مولانا حَسن رضا خان صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   ڪيتري پياري ڳالھ چئي آهي:

اذاں کیا جہاں دیکھو ایمان والو                     پسِ ذِکْرِ حق ذِکر ہے مصطفےٰ کا

کہ پہلے زباں حمد سے پاک ہو لے                   تو پِھر نام لے وہ حبیبِ خُدا کا([1])

وضاحت: اي ايمان وارؤ! ٿورو ڏسو ته اَذان هجي، ڪلمو هجي، مطلب هر هنڌ پهريان الله جو ذڪر ايندو آهي، پوءِ محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر پاڪ ايندو آهي، هن ۾ حڪمت ڇا آهي؟ حڪمت هي آهي ته زبان کان پهريان ربّ ڪريم جو ذڪر هجي، ان کان زبان پاڪ ٿي وڃي، پوءِ پاڪ زبان سان محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو نالو ورتو وڃي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...ذوق نعت، صفحہ:56۔