Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

بيان ڪندو، اهڙو شخص جنهن ۾ چاهي لکين خوبيون هجن پر ان ۾ ڪي عيب به هجن ته ان جي صرف تعريف نٿي ٿي سگهي، برايون به ٿينديون پر قربان وڃو! الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي مُحَمّد بڻايو آهي، يعني اها عظيم هستي جن جي هرهر گهڙي، هر زماني، هر هنڌ، زمين و آسمان جي وُسعتن ۾ صرف تعريف ئي تعريف ڪئي ويندي آهي، لهٰذا ان نالي پاڪ ئي مان معلوم ٿي ويو ته مُحَمّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اهي عظيم هستي آهن جيڪي هر نقص ۽ عيب کان پاڪ آهن.

وہ کمالِ حُسْنِ حُضُور ہے کہ گمانِ نقص جہاں نہیں

وہی پھول خار سے دُور ہے، یہی شمع ہے کہ دُھواں نہیں([1])

وضاحت: حُسن مصطفيٰ اهڙو بيمثال آهي جو ان ۾ ڪنهن قسم جو عيب هجڻ ته پري جي ڳالھ، ڪنهن عيب جو خيال تائين ناهي، هي اهو نرالو گُل آهي جنهن ۾ ڪنڊو ناهي، هي اُها بي مثال شمع آهي جنهن جي روشني ته آهي پر دونهون ناهي.

دشمن به تعريف ڪرڻ تي مجبور

پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! الله پاڪ پنهنجي محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪيتري نه خوبصورت ۽ پياري نالي سان نوازيو آهي. روايتن ۾ آهي: ڪافر جن کي خوبيون ڏسڻ نصيب ئي ناهي، اهي صرف عيب ئي عيب ڏسندا هئا، انهن به جڏهن محبوبِ رحمٰن، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي بُرائي بيان ڪرڻ چاهي ته ان پاڪ ذات ۾ ڪو به عيب نظر نه آيو پر پوءِ به هُو برائي ڪرڻ کان باز نه آيا، جيئن ته جڏهن هُو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برائي ڪندا هئا ته چوندا هئا: مُحَمّد هيئن آهي، محمد هونئن آهي. هاڻي انهن کي


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:107۔