Naam e Muhammad Ki Barkaat

Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat

اسمِ  مُحمّد جي معنيٰ

 مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرت متعلق لکيل معتبر ڪتاب روضُ الاَنۡف ۾ آهي: مُحمّد جي لفظي معنيٰ آهي: الَّذِیْ یُحْمَدُ حَمْدًا بَعْدَ حَمْدٍ يعني اها ذات جن جي تعريف هرهر ڪئي وڃي. (الروض الاُنُف،ولادۃ رسول  اللہ،جلد:1،صفحہ:310)

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، حضرت  محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اها عظيم هستي آهي جن کي باربار ساراهيو پيو وڃي، هزار ڀيرا ساراهيو پيو وڃي ۽ ڪڏهن کان ساراهيو پيو وڃي؟ جڏهن کان سندن نالو مُحَمَّد رکيو ويو آهي، هي نالو پاڪ ڪڏهن کان رکيو ويو آهي؟ سڄي مخلوق جي پيدائش کان به هزارين سال اڳ رکيو ويو، هن مان معلوم ٿيو ته جڏهن زمين و آسمان، عرش و ڪرسي، لوح و قلم، جن، انسان ۽ ملائڪ ڪجھ نه هو، ان وقت به مُحَمّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ساراھ ڪئي پئي وئي، هاڻي به هي ساراھ ڪئي پئي وڃي ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قيامت تائين بلڪه قيامت کان بعد جڏهن جنتي جنت ۾ ويندا، تڏهن به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جون نعتون هلنديون رهنديون.

دولت جو چاہو دونوں جہاں کی                          کر لو وظیفہ نامِ مُحَمَّد

اللہ والا دَم میں بنا دے                                                                                                              اللہ  والا    نامِ    مُحَمَّد([1])

هرعيب کان پاڪ محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي هتي هڪ ڳالھ تي غور ڪيو! مثال طور(For Example) جنهن انسان ۾ هزار خوبيون هجن، پر ان ۾ ڪي عيب به هجن ته ان جي صرف تعريف نٿي ڪري سگهجي، جيڪو سندس خوبيون ڏسندو ته ان جي تعريف ڪندو، جيڪو سندس عيب تي نظر ڪندو، اهو ان جي برائي


 

 



[1]...قبالۂ بخشش، صفحہ:133۔