Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
شخص نه آيو، ميان صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه معلومات ورتي ته خبر پئي ته اهو ٻن سالن کان بيمار آهي ۽ ان جا پير سُڪي چُڪا آهن، هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي. ميان صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان کي گهرايو ۽ فرمايو: اڄ رات ميلاد نامو پڙهو! الله پاڪ خير فرمائيندو. مريد پير جي فرمان تي لَبَيۡڪ چيو ۽ پوري يقين سان سڄي رات ميلاد شريف پڙهندو رهيو، الله پاڪ ان تي ڪرم فرمايو، صبح جي وقت ان اٿڻ چاهيو ته لٺ جي سهاري پاڻ ئي اٿي ويو، ميلاد شريف پڙهڻ جي برڪت سان ان کي شفا ملي وئي ۽ اهو پاڻ پنهنجي پيرن تي هلي ڪري گهر پهتو.
جس وقت کوئی مَرحَلہ دُشوار آگیا اُس وقت کام سیِّدِ ابرار آگیا
برسِیں گھٹائیں رحمتوں کی جھوم جھوم کر رحمت سراپا جب مرا سردار آگیا([1])
اي عاشقانِ رسول! الحمدلله الحمدلله! ربيع النور شريف يعني ربيع الاوّل جو مهينو ته ڇا ايندو آهي هر طرف بهار جي موسم اچي ويندي آهي. پياري پياري آقا، مَڪي مَدني مُصَطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ديوانن ۾ خوشي جي لهر اچي ويندي آهي، پوڙهو هجي يا جوان هر حـقيقي مسلمان ڄڻ دل جي زبان سان پڪاري اٿندو آهي:
نثار تیری چہل پہل پر ہزار عیدیں ربیع الاوّل
سوائے ابلیس کے جہاں میں سبھی تو خوشیا ں منا رہے ہیں
الله پاڪ اسان کي هن مبارڪ مهيني جون برڪتون نصيب فرمائي، اسان به جشن ولادت جي خوشي ۾ چراغان ڪيون، گهر سجايون، گهٽيون سجايون، خوب تلاوتِ قرآن ڪيون، درود پاڪ جي ڪثرت ڪيون، ذڪر محبوب جون محفلون سجايون، گناهن کان بچندي، شريعت جي دائري ۾ رهي ڪري خوب ڌوم ڌام سان ميلاد ملهايون، هي سڀ اخلاق سان، الله ۽ رسول جي رضا جي