Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
مصطفيٰصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بڻايو آهي، نه کائنس پهريان ڪو پاڻ جهڙو ٿيو آهي، نه سندن بعد ڪو پاڻ جهڙو ٿي سگهي ٿو.[1]
ترے خُلق کو حق نے عظیم کہا، تِری خِلق کو حق نے جمیل کیا
کوئی تجھ سا ہوا ہے نہ ہو گا شہا ترے خالِق ِ حُسْن و ادا کی قسم
ترا مسندِ ناز ہے عرشِ بریں، ترا محرمِ راز ہے رُوحِ امیں
تُو ہی سرور ِ ہر دَو جہاں ہے شہا، ترا مثل نہیں ہے خُدا کی قسم[2]
وضاحت: اي منهنجا رَحمت وارا آقا صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ اوهان جي اَخلاقِ مُبارڪ کي عظيم (تمام بهتر) قَرار ڏنو آهي ۽ اوهان جي وِلادَتِ باسعادت هزارين سَعادَتون ۽ بَرَڪتون کڻي آئي، اهڙي نِرالي ۽ حَسِين ڪنهن جي پيدائش نه ٿي۔ منهنجا آٓقا صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڀلا اوهان جھڙو ٻيو ڪير ٿي سگھي ٿو؟ ها ها! زمين ۽ آسمان جي پيدا ڪرڻ واري جو قسم آهي ”اوهان جھڙو ٻيو ڪوئي ناهي“
الله! الله! ڇا ته ڪمال جو علم آهي، ڇا ته بيمثال دليل آهي، هي ته ٻيو مُحَمّد هجڻ جي ڳالھ آهي، سيّدي اعلي حضرت جو ڀاءُ مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا:
یہی منظور تھا قُدْرت کو کہ سایہ نہ بنے
ایسے یکتا کے لئے ایسی ہی یکتائی ہو [3]
۽ ڪنهن شاعر ڇا ته پياري ڳالھ ڪئي آهي:
اَرْبَابِ نظر کو کوئی ایسا نہ ملے گا بندے تو مل ہی جائیں گے، آقا نہ ملے گا
تاریخ اگر ڈھونڈے گی ثانئ محمد ثانی تو بڑی چیز ہے سایہ نہ ملے گا