Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
* ڪجھ ماڻهو
ساڄي يا کاٻي پاسي سينڌ ڪڍندا آهن هي سنّت جي خلاف آهي * سنّت هي آهي ته
جيڪڏهن مٿي تي وار هجن ته وچان سينڌ ڪڍي وڃي * مرد کي اختيار آهي مٿي جا وار ڪٽرائي يا وڌائي ۽ سينڌ ڪڍي * حضرت اَنس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّمَ جن اڪثر سَرِ
اقدس ۾ تيل لڳائيندا ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ اڪثر ڪنگو ڪندا ۽ اڪثر مٿي مبارڪ تي ڪپڙو (يعني سربند شريف) رکندا هئا ايستائين جو اهو ڪپڙو تيل سان
آلو ٿي ويندو هو.[1]
تیل کی بُوندیں ٹپکتی نہیں بالوں سے رضا صبحِ عارِض پہ لُٹاتے ہیں ستارے گیسو
وضاحت: اي رضا! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زلف مبارڪ مان جيڪي تيل جا ڦُرا ٽِمي رهيا آهن، مونکي ته هي منظر ايئن لڳي رهيو آهي جيئن تارن سان ڀريل رات مصطفٰي جي چهري تي، والضُّحٰي واري چهري تي تارا نڇاور ڪري رهي آهي.
مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو،
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد