Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

صفتن سان فضيلت ڏني، اوهان کي سڀني نبين ۽ رسولن تي فضيلت بخشي ۽ پنهنجي نالي ۽ صفت سان اوهان جو نالو ۽ وصف ڪڍيو آهي. (اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)! الله پاڪ اوهان جو نالو اَوَّل رکيو،  ڇوته اوهان جي پيدائش جي اعتبار سان سڀني انبياءِ ڪرام کان اَوّل يعني پهريان آهيو(ڇوته سڀني کان پهريان اوهان جو نور مبارڪ پيدا ڪيو ويو)، الله پاڪ اوهان جو نالو مبارڪ آخِر به رکيو ڇوته اوهان سڀني نبين سڳورن جي زماني کان آخر ۾ تشريف کڻي اچڻ وارا ۽ آخري اُمت جا آخري نبي آهيو، انهي طرح الله پاڪ اوهان جو نالو باطِن به رکيو، ڇوته الله پاڪ پنهنجي نالي سان گڏ اوهان جو نالو پاڪ سونهري نور سان عرش جي پايي تي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام  جي پيدائش کان 2 هزار سال پهريان هميشه هميشه جي لاءِ لکيو، پوءِ مون کي اوهان تي درود شريف موڪلڻ جو حڪم ڏنو ته مون اوهان تي هزار سال دورد ۽ هزار سال سلام موڪليو ايستائين جو الله پاڪ اوهان کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ، الله پاڪ جي حڪم جي طرف سڏيندڙ ۽ چمڪائيندڙ سج بڻائي موڪليو. انهي طرح الله پاڪ اوهان جو نالو ظاهِر به رکيو ڇوته ان اوهان کي تمام دينن تي غلبو عطا فرمايو، اوهان جي شريعت و فضيلت کي تمام زمين ۽ آسمان وارن تي ظاهر  ڪيو ته ڪو اهڙو نه رهيو جنهن اوهان تي دورد نه پڙهيو هجي، الله پاڪ اوهان تي درود(يعني رحمت) موڪلي، پوءِ اوهان جو ربّ مَحمُوۡد (يعني تعريف ڪيو ويو) آهي ۽ اوهان مُحمد (يعني تعريف ڪيل آهيو.) اوهان جو ربّ اول ۽ آخر، ظاهر ۽ باطن آهي ۽ اوهان به (پنهنجي ربّ جي عطا سان)اوّل ۽ آخر، ظاهر ۽ باطن آهيو.[1]

نگاہِ عشق و مستی میں وہی اَوَّل، وہی آخر                                                              وہی قرآں، وہی فرقاں، وہی یسیں ، وہی طٰہٰ

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] فتاویٰ رضویہ،جلد:15،صفحہ:663 ملتقطًا۔