Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
توکي هن خوف سان نه ٻڌائي ته ڪٿي ائين نه ٿي جو ڪو ڪوڙو نبوت جي دعويٰ ڪري ۽ تون ان جي پيروي نه ڪري ويهين!
هاڻي مون اهي ٻئي صفحا فلاڻي هنڌ رکيا آهن، اڃا انهن کي نه کولي ڏسجان، جڏهن اهي نبي تشريف کڻي ايندا، الله پاڪ چاهيو ته تون ان جي پيروي اختيار ڪندي. حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون اهي ٻه صفحا ڪڍي ڏٺا ته انهن ۾ لکيل هيو: مُحَمَّد رسول اللہ خَاتَمُ النَّبِیّٖن لَا نَبِیَّ بَعْدَہٗ مَوْلِدُہٗ بِمَکَّۃَ وَ مُہَاجَرُہٗ بِطَیْبَۃَ يعني مُحمَّد الله جا رسول آهن، سڀني کان آخري نبي آهن، ان کان بعد ڪوبه نبي نه ٿيندو، سندن پيدائش مڪي ۾ ٿيندي ۽ هجرت طيّبه جي طرف فرمائيندا.[1]
حضرت مُغيره بن شُعۡبه رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ کان پهريان جو واقعو ٻڌائيندي فرمائن ٿا: هڪ ڀيري اسان مصر جي بادشاھ مَقُوقش سان حضور اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعريف ٻڌي، پوءِ مان اسڪندريه ويس، اُتي مون گذريل امتن جي ڪا عبادت گاھ نه ڇڏي، سڀني وٽ ويس، سڀني کان مُحمد مصطفيٰصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي باري ۾ پڇيو: آخر ۾ هڪ پادري وٽ پهتس، هو پنهنجي قوم جو تمام وڏو عالم هيو، مون ان کان پڇيو: ڇا ڪو نبي دنيا ۾ اچڻ باقي آهي؟ ان چيو: نَعَم! وَہُوَ آخِرُ الْاَنْبِیَاء ها! اهو آخري نبي آهي، ان جي ۽ عيسي عَلَيۡهِ السَّلَام جي وچ ۾ ڪو نبي نه آيو، حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام انهن ئي جي پيروي جو حڪم ڏنو هيو، اهو نبي، اُمّي، عربي آهي ۽ ان جو نالو مبارڪ احمد آهي.
حضرت مغيره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون هي سڀئي ڳالهيون خوب ياد رکيون ۽ اتان واپس اچي ڪري اسلام قبول ڪيو.[2]
محمدِ مصطفےٰ! سب سے آخری نبی! احمدِ مجتبیٰ! سب سے آخری نبی!
آمنہ کا لاڈلا! سب سے آخری نبی! شاہِ ہر دوسرا! سب سے آخری نبی![3]