Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

ڪرايو. ايستائين جو حضرت عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام تشريف کڻي آيا، پاڻ به آخري نبي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي نبوت ۽ رسالت جي خوشخبري ٻڌائي ۽ پنهنجي اُمَّت کي به هي عقيدو ٻڌايو ته محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سڀني کان آخري نبي هوندا. اچو! حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي هڪ اُمّتي جو انوکو واقعو ٻڌون ٿا:

مُسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْهُ  جي دور مبارڪ جو واقعو آهي،   صحابيءِ رسول حضرت نَضۡله بن معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه 300 مهاجرن ۽ انصارن سان گڏ حُلوانِ عراق کان مالِ غنيمت (يعني غير مسلمن کان جنگ ۾ هٿ اچڻ وارو مال) کڻي اچي رهيا هئا ته هڪ جبل جي ويجهو شام ٿي وئي ته حضرت نَضۡله رَضِىَ اللهُ عَنْه اذان ڏني، جڏهن پاڻ  رَضِىَ اللهُ عَنْه اَللّٰہُ اَکْبَر اَللّٰہُ اَکْبَر چيو ته جبل مان هڪ آواز آيو، ڪو چئي رهيو هو: اي نَضۡله! تو تمام وڏي عظمت واري جي وڏائي بيان ڪئي! جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه اَشْھَدُ اَنْ لَّآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہ چيو، ته جواب آيو: اي نَضۡله! تو خالص توحيد بيان ڪئي، جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه اَشْھَدُ اَنَّ مُحَمَّدًارَّ سُوْلُ اللّٰہ چيو ته آواز آيو: هي اهڙا نبي بڻائي ڪري موڪليا ويا آهن جو انهن کان بعد ڪو نبي ناهي، هي ڊيڄاريندڙ آهن، هيءُ ئي آهن جن جي خوشخبري اسان کي حضرت عيسٰي بن مريم عَلَيهِ السَّلَام ڏني هئي، انهن ئي جي امّت جي آخر ۾ قيامت قائم ٿيندي. صحابيءِ رسول حضرت نَضۡله رَضِىَ اللهُ عَنْه جڏهن حَیَّ عَلَی الصَّلٰوۃ چيو ته جواب آيو: نماز هڪ فرض آهي، خوشخبري آهي ان جي لاءِ جيڪو هن جي طرف هلي ۽ هن جي پابندي ڪري. جڏهن حَیَّ عَلَی الْفَلَاح چيو ته آواز آيو: مراد کي پهتو (اهو شخص) جيڪو نماز جي لاءِ آيو ۽ ان تي هميشگي اختيار ڪئي، مراد کي پهتو (اهو شخص) جنهن محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اطاعت ڪئي. جڏهن پاڻ  رَضِىَ اللهُ عَنْه چيو: اَللّٰہُ اَکْبَر اَللّٰہُ اَکْبَر، لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہ ته آواز آيو: اي نَضۡله! تو ڪامل اخلاص حاصل ڪري ورتو ته الله پاڪ هن جي سبب تنهنجو جسم دوزخ تي حرام فرمائي ڇڏيو. حضرت نَضۡله رَضِىَ اللهُ عَنْه نماز کان