Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat

بيبي خاتون جنت سيّده فاطمة الزهرا، حضرت علي المرتضي شير خدا ۽ امام حسن ۽ حُسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي نبي مڃي ٿو. ان جي باري  ۾ ڇا حڪم آهي.  ان جي جواب ۾ سيدي اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  113 صفحن تي مشتمل هڪ عظيم الشان رسالو لکيو، جنهن ۾ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  قرآن ڪريم جي هن آيت:

وَ لٰکِنۡ رَّسُوۡلَ اللّٰہِ وَ خَاتَمَ  النَّبِیّٖنَ ؕ  (پارہ:22، الاحزاب:40)

ترجموڪنزالعرفان: پر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي.

۽ احاديث ۽ روايتن ۽ گذريل آسماني ڪتابن جي ارشادن کي لکي ڪري اهو ثابت ڪيو ته جيڪو ٻانهو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي آخري نبي هجڻ جو انڪار ڪري. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي ظاهري زندگي جي زماني ۾ يا ان کان بعد قيامت تائين ڪنهن به اوچي کان اوچي مرتبي واري کي نبي مڃي، اهو انسان ڪافر آهي، دائره اسلام مان خارج آهي.[1]

سيّدي اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  هن مبارڪ رسالي ۾ عقيده ختم نبوت جا جيڪي دليل ذڪر فرمايا، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشق اعليٰ حضرت، امير اهل سنت، مولانا محمد الياس عطار قادري هن مان اڪثر دليل پنهنجي رسالي ”سڀني کان آخري نبي“ ۾ ذڪر ڪيا آهن. اچو انهن مان ڪجھ دليل ٻڌون ٿا. وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته امير اهل سنت جو رسالو”سڀني کان آخري نبي“ پڙهي وٺو بلڪه ڪوشش ڪري يومِ ختم نبوت جي موقعي تي گهر ۾، پنهنجي پاڙي ۾، ڳوٺ ۾، بازار ۾ هن رسالي مان درس ڏيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! علم دين به سکڻ جي لاءِ ملندو ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو تمام گهڻو ثواب به هٿ ايندو.


 

 



[1] فتاویٰ رضویہ،جلد:15،صفحہ:629 -630 خلاصۃً۔