Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

دعوت اسلامي تي اولياءِ ڪرام جو ڪرم آهي

دعوت اسلامي اڄ سڄي دنيا ۾ اها ئي تعليم عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا تعليمات اولياءِ ڪرام سيکاري آهي، اهو ئي ڪردار، اهو ئي انداز، اهو ئي اخلاق، اهو ئي طور طريقو، اهو ئي رنگ ڍنگ جيڪي اولياءِ ڪرام اپنائيندا به هئا، ٻين تائين پهچائيندا به هئا، الله پاڪ جي ڪرم سان دعوت اسلامي اهو ئي ڪردار اپنائڻ ۽ عاشقانِ رسول کي انهي رنگ ۾ رنڱڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.

الله پاڪ جو وڏو فضل آهي ته هي اولياءِ ڪرام جيڪي تمام وڏي شان وارا آهن، جن جي عظمت ۽ شان کي ربّ ڪائنات قرآن ڪريم ۾ بيان فرمايو آهي، جن جي برڪتن کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حديثن ۾ بيان فرمايو، اهي ئي اولياءِ ڪرام جيڪي الله پاڪ جو قرب رکن ٿا، مصطفيٰ ڪريم جي بارگاھ ۾ مقبوليت کان سرفراز آهن، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هي اولياءِ ڪرام دعوت اسلامي تي نگاھ ڪرم رکن ٿا. الله پاڪ جي عطا سان عاشقانِ رسول جي خوابن ۾ تشريف آڻي ڪري شفقت به فرمائيندا آهن. حوصله اَفزائي به ڪندا آهن ۽ دعوت اسلامي جي متعلق پنهنجي اطمينان جو اظهار به فرمائيندا آهن.

  داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي طرف کان مدني قافلي جي خيرخواهي

  ڪجھ اسلامي ڀائر جيڪي دعوت اسلاميوارن عاشقانِ رسول سان مدني قافلي جا مسافر هئا، سنتون سکي رهيا هئا، نيڪي جي دعوت عام ڪري رهيا هئا، انهن جو  بيان آهي:   اسان جو مدني قافلو مرڪز الاولياء لاهور داتا درٻار واري مسجد جي اندر ٽن ڏينهن لاءِ ترسيل هو. اسان مدني قافلي جي جَدوَل جي مطابق  سنّتن جي تربيت حاصل ڪري رهيا هئاسين. حلقي جـي دوران هــڪ شخص آيـو. ان