Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
سان لاهور کي مرڪزُ الاوليا ۽ داتانگر به چيو ويندو آهي.[1]
کیا غرض دَر دَر پھروں میں بھیک لینے کے لئے ہے سلامت آستانہ آپ کا داتا پیا
جھولیاں بھر بھر کے لے جاتے ہیں منگتے رات دِن ہو مِری اُمِّید کا گلشن ہَرا داتا پیا([2])
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
اولياء جو فيضان ورهائڻ واري تحريڪ
پيارا اسلامي ڀائرو! حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عرس پاڪ جا ڏهاڙا به ويجهو آهن ۽ الحمدلله! فيضان اولياءِ ورهائڻ واري عظيم الشان ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي باقاعده شروعات جو ڏينهن يعني يومِ دعوت اسلامي به بلڪل ويجهو آهي، اڄ 31 آگسٽ آهي، 2 سيپٽمبر تي يوم دعوت اسلامي ڌوم ڌام سان ملهائي ويندي يعني 2 ڏينهن کان بعد دعوت اسلامي کي ٺهندي 42 سال مڪمل ٿي ويندا.
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ سنتن جو پيغام عام ڪرڻ واري، عشق رسول جا جام ڀري ڀري پيئارڻ واري، محبت قرآن جا چراغ سينن ۾ روشن ڪرڻ واري ۽ الله پاڪ جي فضل سان فيضانِ اولياء ورهائڻ واري تحريڪ آهي.
اللہ کی نعمت ہے، یہ دعوتِ اسلامی آقا کی عنایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی
رحمٰن کی رحمت ہے، یہ دعوتِ اسلامی شیطاں کی ہلاکت ہے، یہ دعوتِ اسلامی
سب نبیوں کی، ولیوں کی، اَصحاب کی اہلِ بیت کی خاص عنایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی([3])