Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تعارف

 * داتا حُضُور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اٽڪل 400 هجري تي دنيا ۾ تشريف کڻي آيا * پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو نالو مبارڪ: عَلي ۽ والد صاحب جو نالو: عثمان آهي * داتا حُضُو رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه افغانستان جي علائقي غزني جا رهاڪو هئا، غزني جو هڪ پاڙو آهي جنهن کي هجوير سڏين ٿا. داتا حُضُور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان پاڙي ۾ رهندا هئا، انهيءَ نسبت سان هجويري  مشهور ٿيا * پاڻ نَجِيۡبُ الطَّرَفين يعني حسني، حسيني سيّد آهن * شروع کان ئي وڏا نيڪ پارسا، عبادت ڪرڻ وارا ۽ علمِ دين جو تمام گهڻو شوق رکڻ وارا هئا * داتا حُضُور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه علمِ دين سکڻ جي لاءِ عراق، شام، لبنان، آذر بائيجان، خراسان ۽ تُرڪستان وغيره ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيو، ان وقت جي وڏن وڏن عالمن ۽ صوفياءِ ڪرام کان علمِ دين سکيائون * تقريباً 34 سالن جي عمر ۾ پنهنجي پير صاحب شيخ ابو الحسن خُتَّلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي حڪم سان لاهور تشريف کڻي آيا * اتي نيڪي جي دعوت کي عام ڪيائون، اسلام جو پيغام وڌايائون، ماڻهن کي قرآن ۽ سنّت جي تعليم ڏنائون، پنهنجي اخلاق، ڪردار سان، ڪڏهن بيانات فرمائي ڪري، ڪڏهن ڪرامات ڏيکاري ڪري بيشمار ڪافرن کي مسلمان ڪيائون، جيڪي پهريان کان مسلمان هئا، انهن کي سنّتن جو پيڪر بڻايائون، ڪيترائي عالم ٺاهيائين، ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي تربيت ۾ رکي ڪري ولايت جي بلند مقامات تائين پهچايائون * اٽڪل 30 سالن جي عرصي ۾ پاڻ برِّصغير ۾ هڪ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو * مضبوط قول جي مطابق پاڻ 465 سن هجري تي  هن دنيا مان پردو فرمايو * سندن مزار مبارڪ لاهور ۾ موجود آهي * پاڻ جي ئي نسبت