Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

سندن روضي پُرنور مان هڪ نوراني شعاع بلند ٿي ۽ اچي ڪري منهنجي سيني ۾ لهي وئي، اُنهي وقت داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي فيضان سان مون کي هن اعتراض جو جواب ملي سمجھ ۾ اچي ويو، مان ان غير مسلم کي چيو: اي شخص ٻڌ! اسان جيڪو چوندا آهيو:

چراغ و مسجد و محرام ومنبر                                                                                                              ابوبکر و عمر، عثمان وحیدر

  هن جو حقيقي مطلب هي بڻجي ٿو ته اسان جا آقا و موليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  اهڙا ته شان وارا آهن جو پاڻ پنهنجي نُبوت جي نگاھ سان ڪنهن کي ڏيئي جيان روشني ڏيڻ وارو بڻائي ڇڏيو، ڪنهن کي مسجد جهڙي شان ۽ عزت عطا فرمائي ڇڏي، ڪنهن کي محراب و منبر جو مالڪ بڻائي ڪري قيامت تائين جي لاءِ امام، پيشواء ۽ رهنماء بڻائي ڇڏيو. لهٰذا هن شعر جي اندر حضرت ابوبڪر، حضرت عمرفاروق، حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي ته شان آهي ئي  آهي، ان سان گڏوگڏ هن ڳالھ جو به بيان آهي ته

دامنِ مصطفےٰ سے جو لپٹا یگانہ ہو گیا                                                                      جس کے حُضُور ہو گئے، اس کا زمانہ ہو گیا

 لهٰذا شعر ظاهر ۾ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي شان ۾ آهي پر اصل ۾ مصطفيٰ جان رحمت جي عظمت ۽ شان کي بيان ڪري رهيو آهي. بس هي جواب ٻڌڻو هيو ته اهو غيرمسلم يڪدم زمين تي ڪريو، ان جي پڳ مٿي تان لهي وئي، ان پاڻ کي سنڀاليندي چيو: جيڪو جواب اڄ اوهان ڏنو آهي، هي جواب اڄ تائين مون کي ڪنهن به نه ڏنو هيو. [1]

هر صحابي نبي! جنتي! جنتي!

الله! الله! اي عاشقانِ صحابه و اهل بيت! ٿورو غور ڪيو! اولياءِ ڪرام کي صحابه ڪرام سان ڪيتري محبت آهي، حضور داتا گنج بخش علي هجويري


 

 



[1] نامِ محمد کے میں قربان ،صفحہ:44- 45 بتغیر قلیل