Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
هڪ شعر لکندا آهيو:
چراغ و مسجد و محرام و منبر ابوبکر و عمر، عثمان و حیدر
يعني ابوبڪر صديق، عمر فاروق، عثمانِ غني، علي المرتضيٰ (اسلام جا اولين خليفه رَضِىَ اللهُ عَنْهم) ڏيئي جيان روشني ورهائڻ وارا، مسجد جيان عزّت ۽ شان وارا ۽ محراب ۽ منبر جا حقيقي وارث آهن.
غير مسلم پڇيو: اوهان مسجد جي ديوار تي هي شعر ڇو لکندا آهيو؟ خواجه قَمۡرُالدّين سيالوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: انهي ڪري ته جيئن جڏهن به ڪو شخص مسجد ۾ اچي ته ان کي خبر پئي ته هي مسجد عاشقانِ رسول، عاشقانِ اهل بيت ۽ عاشقانِ صحابه جي بڻايل آهي. هي جواب ٻڌي ڪري ان غير مسلم چيو: اوهان مسلمان آهيو، حضرت محمد(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) کي پنهنجو نبي مڃو ٿا، پوءِ اوهان کي گهرجي ته صرف ان جون تعريفون ڪيو، اوهان کي گهرجي ته روشني ورهائڻ وارو ڏيئو، مسجد جهڙي شان ۽ عزت، محراب و منبر جو حقيقي مالڪ صرف محمد(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) کي ئي مڃو پر اوهان هي شان محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بجائي ڪنهن ٻئي جي لاءِ مڃو ٿا، لهٰذا توهان صحابه جي لاءِ مڃي ڪري محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۾ ڪمي ڪيو ٿا، حالانڪ هو توهان جو نبي آهي.
خواجه قَمۡرُالدّين سيالوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان اعتراض جا ڪيئي جواب ڏنا پر اهو بدبخت ايترو ته ضدي هيو جو مڃڻ جي لاءِ تيار ئي نه پيو ٿي (هاڻي ظاهر آهي اُتي ٻيا ماڻهو به موجود هيا، جيڪڏهن ان غير مسلم کي مطمئن نه ڪيو وڃي ها ته ٻين جي دلين ۾ وسوسو پيدا ٿي سگهيو ٿي) جيئن ته خواجه قمرالدين سيالوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان سوچي رهيو هيس ته ان کي مطمئن ڪيان ته ڪيئن ڪيان؟ اڃا ناهي سوچ ۾ هيس ته داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪرم فرمايو،