Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

  اي عاشقانِ رسول! گهٽ ڳالهائڻ سنّت مصطفٰي آهي * اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  طويل خاموشيءَ وارا هئا.[1] * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بنا ضرورت ماڻهن سان ڪلام نه فرمائيندا هئا، هند بن ابو هاله رَضِىَ اللهُ عَنْه جو بيان آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بنا ضرورت گفتگو نه فرمائيندا هئا بلڪه اڪثر خاموش ئي رهندا هئا. [2] خاموشيءَ مان مراد آهي: دنياوي ڪلام کان خاموشي نه ته حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زبان مبارڪ الله پاڪ جي ذڪر سان تَرۡ رهندي هئي. [3]

 پيارا اسلامي ڀائرو! * خاموشي حڪمت آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عقل ڪامل ٿيندو آهي * گهٽ ڳالهائڻ عبادت جي ڪنجي آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عبادت جي لذَّت نصيب ٿيندي آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عزَّت، وقار، علم ۾ اضافوٿيندو آهي * جيڪو بنا ضرورت ڳالهائڻ کان بچي، اهو شيطان تي غالب رهندو آهي.

  الله پاڪ اسان کي به گهٽ ڳالهائڻ، صرف ضرورت جي ڳالھ واتان ڪڍڻ ۽ فضول ڳالهائڻ کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي. 

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

یا ربّ نہ ضرورت کے سوا کچھ کبھی بولوں                                      اللہ زباں کا ہو عطا قفل مدینہ([4])

    مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو


 

 



[1] شرح مائل ترمذی، کیف کان کلام رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم،  صفحہ:353، حديث:225۔ السنہ للبغوی، جلد:7، صفحہ:450، حدیث:3695۔

[2] شمائل ترمذی، صفحہ:353، حديث:225۔

[3] مرآۃ المناجیح، جلد:8، صفحہ:81۔

[4]... وسائلِ بخشش، صفحہ:93۔