Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

فرمايو، ڄڻ ته هڪ سج دنيا ۾ لهي ويو ته انهي وقت ٻيو سج روشني وکيريندي ظاهر ٿي ويو. خواجه قَمۡرُالدّين سيالوي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به خدمتِ دين جي لاءِ پنهنجو تن، من،  ڌن سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ وارا هئا. الحمدلله! امير اهل سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه ڪيئي قربانيون ڏئي ڪري سڄي دنيا ۾ سنتن جو پيغام عام ڪيو، خواجه قَمۡرُالدّين سيالوي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيرو مشڪل ۾ ڦاٿل مسلمانن جي مدد جي لاءِ سڄو مال، ايستائين جو پنهنجي گهر واريءَ جا زيور به پيش ڪري ڇڏيا هئا، الحمدلله! شيخ طريقت، امير اهل سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه  به ڪيئي ڀيرا پنهنجي ضرورتن کي قربان ڪري مسلمانن جي خدمت ڪندا رهيا آهن. ماضي قريب ۾ جڏهن پاڪستان ۾ مهانگائي زور پڪڙيو ته امير اهل سنت اجيرن جون پگهارون وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حج ۽ سفرِ مدينه جي ٽڪيٽ ڪينسل ڪرائي اها سڄي رقم اجيرن جي پگهارن جي لاءِ پيش ڪري ڇڏي. خواجه قَمۡرُالدّين سيالوي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمتن کي ساراهيو ويو، ته ٻي طرف امير اهل سنت جي ديني ۽ ملي ۽ فلاحي خدمتن کي به سرهايو پيو وڃي. مطلب ته انهن ٻنهي نيڪ هستين ۾ ڪيئي طرح سان مناسبت ڏسڻ ۾ ملي ٿي.

خير! هي ته هڪ ضمني ڳالھ هئي، اصل ۾ حضور داتا گنج شڪر علي هجويري  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ ڪرامت ٻڌائڻي آهي. جيئن ته خواجه قَمۡرُالدّين سيالوي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيرو داتا حضور دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي درٻار سان متصل مسجد ۾ ويٺا هئا، ساڻ ڪيئي مريد ۽ مُحبت ڪرڻ وارا به حاضر هئا. ايتري ۾ هڪ غير مسلم اُتي آيو، ماڻهن خواجه قَمۡرُالدّين سيالوي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  کي ٻڌايو ويو ته حضور! هي غير مسلمن جو وڏو عالم آهي، عاشقانِ رسول عالمن سڳورن کان هروڀرو بحث ڪري تنگ ڪندو رهندو آهي. اصل ۾ هي شخص  خواجه قَمۡرُالدّين سيالوي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي به تنگ ڪرڻ جي ارادي سان آيو هيو، جيئن ته ان هڪ سوال پڇيو، چوڻ لڳو: اوهان مسلمان مسجد جي ديوارن تي