Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
پاڪستان پنجاب جي صوبي جي هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي جو بيان آهي، هڪ ڏينهن اسان وٽ ڪراچي کان مدني قافلو تشريف کڻي آيو، مدني قافلي وارن سان ملي ڪري مون کي به علاقائي دوري ۾شرڪت جو شرف مليو، اسان هڪ درزيءَ جي دڪان جي ٻاهران ماڻهن کي گڏ ڪري نيڪي جي دعوت ڏئي رهيا هئاسين، جڏهن بيان ختم ٿيو ته انهيءَ دڪان جي هڪ ملازم نوجوان چيو: مان غير مسلم آهيان. توهان جي نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي گهرو اَثر (Effect) ڪيو آهي، مهرباني فرمائي ڪري مون کي اسلام ۾ داخل ڪري وٺو. پوءِ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اهو ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي ويو.
مقبول جہاں بھر میں، ہو دعوتِ اسلامی صدقہ تجھے اے رَبِّ غفّار! مدینے کا
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! هاڻوڪو دور ٽيڪنالوجي جو دور آهي، الحمدلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اِسمارٽ فون (Smartphone) جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان مختلف ايپليڪيشنز جاري ٿي چڪيون آهي، جنهن مان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن آهي: Muslim's Funeral هن موبائل ايپلي ڪيشن ۾ مَيَّت جي غسل ۽ ڪفن ۽ دفن وغيره جي باري ۾ اهم ترين معلومات ڏني وئي آهي ۽ هڪ خاص ڳالھ هي آهي ته مَيَّت کي غسل ڪيئن ڏيڻو آهي؟ ڪفن ڪيئن پارائڻو آهي؟ ان جي عملي