Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
جنهن ۾ تقريباً 2000 کان وڌيڪ رجسٽريشن ٿي چڪي آهي.
اهڙي طرح دعوت اسلامي جو هڪ شعبو روحاني علاج به آهي. الحمدلله هن وقت سڄي دنيا ۾ (7لک 69 هزار 168) مقامن تر روحاني علاج جو بستو لڳي ٿو. هن شعبي جي تحت، ڏکاري امت، پريشان حال، تنگ دست، بيمار افراد جي لاءِ في سبيل الله روحاني علاج ڪيو ويندو آهي. اوهان به دعوت اسلامي سان وابسته ٿي وڃو، اُمت جي خيرخواهي جي، همدردري ۽ رحمدلي جي هن ديني ڪم ۾ دعوت اسلامي جو ساٿ ڏيو. الله پاڪ سڀني کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
ہو مرا کام غریبوں کی حمایت کرنا درد مندوں سے، ضعیفوں سے محبت کرنا
دُور دُنیا کا مرے دم سے اندھیرا ہو جائے ہر جگہ میرے چمکنے سے اجالا ہو جائے
میرے اللہ! برائی سے بچانا مجھ کر نیک جو راہ ہو اس راہ پہ چلانا مجھ کو
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو
پيارا اسلامي ڀائرو! دل جي ڪٽ دور ڪرڻ، گناھن کان توبھ ڪرڻ، ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته (Linkup) ٿي وڃو. 12 ديني ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون، 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم علاقائي دورو به آهي. اچو ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا!