Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

جي ديني تحريڪ ماڻهن کي دين جون ڳالهيون ٻڌائي ڪري، روزي، حج ۽ زڪوٰة جا احڪام سيکاري ڪري، سنتن جو پيڪر بڻائي ڪري، نيڪي جي دعوت ڏئي ڪري، نيڪ نمازي بڻائي ڪري ته همدردي ڪري رهي آهي. ان سان گڏوگڏ دعوت اسلامي جو هڪ ڊيپارٽمنٽ FGRF به آهي.  هن ڊيپارٽمنٽ جو بنيادي مقصد ئي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏکاري امت سان همدردي ڪرڻ، غمخواري ڪرڻ، ڪو اوچتو اچڻ واري مصيبت مثلاً خدانخواسته زلزلو اچي وڃي، ٻوڏ اچي وڃي ته فوراً امدادي ڪاروائين ۾ حصو وٺڻ.

  اي عاشقانِ غوث اعظم! اوهان کي ڄاڻي خوشي ٿيندي ته الحمدلله! دعوت اسلامي جي ڊيپارٽمنٽ FGRF جي تحت * هاڻ تائين تقريباً 2 ارب کان وڌيڪ جون شيون ۽ رقم خرچ ڪري چڪي آهي. ٻوڏ وارن علاقن مان پاڻي ڪڍڻ جي ڪم تي تقريباً 5 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي چڪي آهي. ٻوڏ متاثرن کي هزارين خيما ڏنا ويا. 4 مهينن تائين مختلف مقامن تي موجود هزارين افراد جي لاءِ 3 وقت جي کاڌي جو انتظام ڪيو ويو. 2929 کان وڌيڪ گهرن ۽ سيڪڙو مسجدن جي ٻيهر تعمير جو سلسلو شروع ٿيو. تقريباً 257 فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳايا ويا. ۽ ٻيون فلاحي خدمتون به آهن * ڪورنگي ابراهيم حيدري(ڪراچي) ۾ غريبن * ۽ سُرجاني ٽائون(ڪراچي) ۾ بارش سان متاثر ٿيل تقريباً 350 گهرن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو. * 20 نيو مسلم گهراڻن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو. * ملڪ ۾ هن وقت تائين تقريباً 992 کان وڌيڪ کوھ، سولر پليٽ لڳايا ويا آهن. * ٿيليسيميا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا افراد جي مدد جي لاءِ هاڻي تائين تقريباً 48 هزار 60 رت جون بوتلون (Blood Bags) مختلف ادارن کي فراهم ڪيون ويون آهن.  جزوي معذُور ٻارن جي بحالي جي لاءِ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! Faizan Rehabilitation Center (F.R.C) جو قيام ٿي چڪو آهي،