Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

اولياءِ ڪرام جو وڏو فيضان آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ڪيئي ڀيرا اولياءِ ڪرام ڪرم فرمائيندا آهن، دعوت اسلامي انهن اجتماعن ۾ شرڪت ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي خواب ۾ تشريف آڻي ڪري حوصله افزائي به فرمائيندا آهن.

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه خواب ۾ تشريف کڻي آيا

باب المدينه (ڪراچي سنڌ) جو واقعو آهي، هڪ ڀيري وڏي يارهين شريف جي سلسلي ۾ اجتماع ذڪر و نعت جاري هيو، هن اجتماع ۾ شريڪ هڪ اسلامي ڀاء جي بيان جو خلاصو آهي: بيان کان بعد جڏهن سلسله قادريه رضويه ۾ بيعت جو سلسلو شروع ٿيو، انهي دوران ويٺي ويٺي مونکي ننڊ اچي وئي، اکيون ڇا بند ٿيون، دل جون اکيون کُلي ويون، ڇا ٿو ڏسا ته يارهين وارا پير، غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جلوه فرمان آهن. پاڻ چادر ڦهلائي رکي آهي، مون وڌي ڪري چادر کي پڪڙيو.

خواب ڏسڻ واري اسلامي ڀاءَ جي گهر واري اُميد سان هئي ۽ ڊاڪٽر آپريشن جو چيو هيو، ان اسلامي ڀاءَ غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي خدمت ۾ عرض ڪيو، اوهان هن جو حل ٻڌايو ۽ گڏوگڏ فرمايو: اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! بغير آپريشن جي 2 جڙوا ٻارن جي ولادت ٿيندي، هڪ جو نالو حسّان ۽ ٻئي جو نالو مشتاق رکجان، ٻنهي جي گردن تي منهنجو قدم هوندو.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ايئن ئي ٿيو، ان اسلام ڀاءُ جي گهر ۾ بغير آپريشن جي 2 جڙوا ٻار پيدا ٿيا.

یہ دل یہ جگر ہے یہ آنکھیں  یہ سرہے                                                    جہاں چاہو رکھو قدم غوثِ اعظم([1])

 اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه !هي غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو ڪردار آهي، اولياءِ ڪرام جو فيضان آهي جو الله پاڪ جي فضل سان دعوت اسلامي جا ديني ڪم ۽ اجتماع وغيره


 

 



[1]... سامانِ بخشش، صفحہ: 126۔