Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
ڪڏهن ايئن نه ٿيو جو پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيان فرمايو هجي ۽ محفل ۾ ڪنهن توبھ نه ڪئي هجي.
سندن بيان ٻڌي ڪري لازمي طور ڪو نه ڪو شخص توبھ ڪندو غير مسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويندا هئا.[1]
* غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ فرمائن ٿا: منهنجي هٿ تي 5 هزار کان وڌيڪ غير مُسۡلمن اسلام قبول ڪيو ۽ لکَ کان وڌيڪ گنھگارن توبھ ڪئي[2]
بیاں سُن کے توبہ گنہگار کر لیں زباں میں وہ دیدو اَثَر غوثِ اعظم! ([3])
اي عاشقانِ اولياءِ! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فيضان سان دعوت اسلامي به ديني اجتماعن جي ذريعي دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي، دعوت اسلامي جو سڀني کان پهريون ڪم جتان دعوت اسلامي جي شروعات ٿي اهو هفتيوار اجتماع آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هن وقت دنيا ڀر ۾ 1697 مقامن تي هفتيوار اجتماع ٿين ٿا، جن ۾ تلاوت ٿيندي آهي، نعت شريف پڙهي ويندي آهي، سنتن ڀريو بيان ٿيندو آهي، ذڪرالله ڪيو ويندو آهي، رقّت انگيز دعا ٿيندي آهي، سکڻ سيکارڻ جا حلقا لڳندا آهن، جن ۾ فرض علوم دين سيکاريا ويندا آهن.
ان کان علاوه وڏين راتين جا مثلاً شبّ براءت، شب معراج وغيره جا اجتماع به ٿيندا آهن. الله پاڪ جو ڪرم آهي ته دعوت اسلامي جي انهن اجتماعن تي