Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
تاجدارسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رکي هئي.
الحمدلله! دعوت اسلامي انهي انداز کي اپنائيندي سڄي دنيا ۾ ديني تعليمات کي عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي.
دين جو ڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻيو ديني ڪم جيڪو حضور غوثِ پاڪ اختيار ڪيو، اهي ديني اجتماع آهن. غوث پاڪ هفتي ۾ 3 ڀيرا بيان فرمائيندا هئا، (1) جمعي جي ڏينهن (2) آچر جي ڏينهن (3) اڱاري جي ڏينهن.[1]
* ابراهيم بن سعد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عالمن وارو لباس پهريندا ۽ بلند جڳھ (مثال طور منبر وغيره تي) ويهي ڪري بيان فرمائيندا هئا .[2] * حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: شروع ۾ مون وٽ ٻه يا ٽي ماڻهو ويهندا هئا، پوءِ آهسته آهسته ماڻهن جو ميڙ ٿيڻ لڳو، ماڻهو پَري پَري کان گهوڙن، خچرن ۽ اُٺن وغيره تي سوار ٿي ڪري بيان ٻڌڻ جي لاءِ ايندا هئا، اُن وقت تقريباً 70 هزار جو اجتماع ٿيندو هو(بعد ۾ ان اجتماع جو تعداد اڃان وڌيڪ ٿي ويو هو). [3] * غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا شهزاده حضرت عبدُالوهاب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: غوثِ پاڪ جي محفل ۾ وڏا وڏا عالِم سڳورا ۽ مشائخ حاضر ٿيندا هئا * ان ۾ 400 وڏا وڏا عالم سڳورا ته اهي هئا جيڪي باقاعده ڪاغذ، قلم کڻي سندس فرمانَ ۽ ارشادَ لکندا هئا.[4] * شيخ عمر ڪيماني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: