Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
تفسير، تصَوُّف ۽ فقه وغيره ديني علوم پڙهائيندا هئا. [1]
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوت اسلامي فيضان غوثِ پاڪ آهي، غوث پاڪ جي فيضان سان دعوت اسلامي به مدرسا بڻايا، الله پاڪ جي ڪرم سان ملڪ ۽ بيروني ملڪ ۾ 1378 جامعات قائم ڪيا آهن، جتي قرآنِ پاڪ، حديث شريف، علم تفسير، اصول تفسير، اصول حديث، تصوف ۽ فقه وغيره ديني علوم جي تعليم ڏني ويندي آهي. انهي طرح ملڪ ۽ بيروني ملڪ ۾ 14،290 مدرسة المدينه به قائم آهن، جتي ٻارن ۽ ٻارڙن کي قرآن ڪريم حفظ و ناظره جي مفت تعليم ڏني ويندي آهي، ايئن سيکارڻ جي لاءِ دارالمدينه انرنيشنل اسلامڪ اسڪول سسٽم به قائم آهي، فيضان آن لائن اڪيڊمي به قائم آهي جنهن جي ذريعي آن لائن ڪورس ڪرايا ويندا آهن، درس نظامي(عالم ۽ عالمه ڪورس) به ڪرايا ويندا آهن. ان سان گڏوگڏ دعوت اسلامي جز وقتي مدرسا به لڳائيندي آهي، جيئن مدرسة المدينه بالغان، جنهن ۾ وڏي عمر جا اسلامي ڀائرن کي قرآن ڪريم درست تجويد ۽ قرات سان پڙهايو ويندو آهي، وضو، غسل ۽ نماز وغيره جا ضروري مسئلا سيکاريا ويندا آهن.
الحمدلله! ايئن مدرسا بڻائي ڪري باقاعده ديني تعليم عام ڪرڻ اهو پيارو انداز آهي جيڪو اڄ کان صديون پهريان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به اختيار ڪيو هيو، بلڪ پاڻ نبين جي سردار، مڪي مدني تاجدارسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به مسجد نبوي شريف ۾ صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي ديني تعليم پڙهائيندا هئا، اسلام جي تاريخ ۾ سڀني کان پهرين اسلامڪ يونيورسٽي جتي تمام ديني ۽ دنياوي علوم سيکاريا ويندا هئا، اهو صُفّه جو مبارڪ چبوترو آهي، جيڪو مسجد نبوي شريف ۾ موجود هيو ۽ ان جي بنياد نبين جي سردار، مڪي مدني