Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
کي پڙهو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! اوهان کي دعوت اسلامي جو هرهر انداز اولياءِ ڪرام جي مبارڪ انداز جي چمڪندڙ تصوير نظر ايندي.
هتي صرف غوثِ پاڪ شيخ عبدالقادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ديني خدمتن جو انداز اوهان جي سامهون رکان ٿو، ان جي تناظر ۾ دعوت اسلامي جو انداز ڏسو!
غوثِ اعظم عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ خدمتِ دين جو انداز
حضور غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پيرن جا پير آهن، ولين جا ولي آهن، سندن هڪ لقب مُحۡيُ الدّين (يعني دين کي زندھ ڪرڻ وارو به آهي. حضور غوث پاڪ جيڪا دين جي خدمت ڪئي، جنهن وڏي پيماني تي خدمت ڪئي، اسان ان جي قريب نه نٿا پڄي سگهون، حق ته هي آهي ته اڄ جيڪڏهن عاشقانِ رسول دنيا ۾ دين جو ڪم ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهن ته هي به غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ئي فيضان آهي.
اسان جي پير غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏي پيماني تي دين جو ڪم ڪيو، لکين ماڻهن جي اصلاح فرمائي، هزارين غير مسلمن کي ڪلمو پڙهايو، جيڪڏهن اسان سندن ديني خدمتن کي غور سان پڙهون ته خبر پوندي ته پاڻ دين جو ڪم ڪرڻ جي لاءِ 3 اهم انداز اختيار ڪيا هئا:
حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مدرسو تعمير فرمايو، پاڻ 51 سال جي عمر مبارڪ ۾ باقاعده نيڪي جي دعوت جو ڪم شروع ڪيو ۽ ان جي 4 سال بعد سن 528 هجري ۾ پاڻ مدرسو تعمير فرمايو، جتي پاڻ قرآن، حديث، علمِ تفسير، اصول