Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. [1]
پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس گھُورڻ، جھڻڪڻ، تڪرار ڪرڻ کان بچندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِیْم!
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روحاني مدد فرمائي..!
حضور خواجه قَمۡرُالدّين سيالوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ملڪ عزيز پاڪستان جي مشهور و معروف هستي آهن، سرگوڌا(پنجاب، پاڪستان) جي ويجهو هڪ علائقي جا رهائشي هئا، تمام وڏا عالم دين، باعمل عاشق رسول، متقي، پرهيزگار ۽ پير ڪامل هئا.
هونئن ته الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي طبيعت، انداز، اخلاق گهڻي حد تائين ملندڙ ئي هوندا آهن پر هي عجيب اتفاق آهي ته خواجه قَمۡرُالدّين سيالوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو وصال 1981 ۾ ٿيو، بلڪل انهي سال شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه دعوت اسلامي جو باقاعده آغاز