Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

نمازي بڻيا بلڪ مسجد جا امام بڻجي ويا. * بدنگاهي ڪرڻ وارا حيادار بڻيا. * والدين کي ستائڻ وارا بااَدب بڻجي ويا. * چور ۽ ڌاڙيل آيا، توبه تائب ٿي، چوري، ڌاڙو ڇڏي ڪري معاشري جا شريف انسان بڻجي ويا. * حسد جي باھ ۾ سڙڻ وارا شڪر گذار ۽ خير خواھ ٿي ويا. * فلمن ۽ گانن جا شُوقين نعت مصطفيٰ پڙهڻ ٻڌڻ وارا بڻجي ويا. * گندگي ۽ گناهن جا ديونا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زلفن جا اَسير بڻجي ويا. مال ۽ دولت پٺيان ڀڄڻ وارا رضاءِ الٰهي جا طلب گار ٿي ويا. * شرابي آيا، توبه ڪري پاڪيزه انسان بڻيا. * غافل آيا، عبادت گذار بڻجي ويا. * ڀٽڪيلن کي سڌي راھ ملي وئي. * هزارين ڪافرن کي اسلام جي نعمت نصيب ٿي. * ايئن هڪ هڪ ٻه ٻه ايندا ويا، نيڪي جي دعوت جي هن سفر ۾ سندن اخلاص، اعلي اخلاق، انفرادي ڪوشش سان عاشقانِ رسول سان ملندا ويا، ڪاروان ٺهندو ويو ۽ الحمدلله! نيڪي جي دعوت جو هي ديني پيغام سڄي دنيا ۾ پهچي ويو.

اے امیرِ اہلسنت تیری شوکت زندہ باد

تیری مجلس میں گئے جو بن گئے صالح سعید

گوشہ گوشہ دنیا کا ہونے لگا ہے فیض یاب         تجھ سے دُنیا بھر میں ہے دِیں کی اشاعت زندہ باد

نوجواں پر ہو ترا فیضانِ صحبت زندہ باد

عام ہر سُو ہو گیا فیضانِ سُنَّت زندہ باد([1])

ڪم به اهو ئي، انداز به اهوئي

پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي ڪم به اهو ئي ڪري رهي آهي جيڪو اولياءِ ڪرام ڪم آهي ۽ الحمدلله! دعوت اسلامي جو انداز به اهو ئي آهي جيڪو اولياءِ ڪرام اپنايو هيو. اوهان اولياءِ ڪرام جي سيرتن کي پڙهو، انهن جي ديني خدمتن کي پڙهو، انهن جي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي انداز


 

 



[1]... مناقب عطار، صفحہ: 15-16 ملتقطاً۔