Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال. فيشن/ ماڊرن ازم کي عام ڪيو. فلمن ڊرامن کي عام ڪيو ويو. اسلامي تهذيب کي نقصان پڄائڻ جي لاءِ طرح طرح جون ڪوششون ڪيو ويون. جنهن جي نتيجي ۾ گناهن جي يلغار ۽ فيشن جو طوفان مسلمانن جي اڪثريت کي پنهنجي وڪڙ ۾ آندو. بي علمي ڦهلجڻ لڳي. مسلمان علم دين کان پري ٿيڻ لڳا. مسجدون ويران ۽ گناهن جا اڏا آباد ٿيڻ لڳا. لادينيت ۽ بدمذهبي جو سيلام اٿلڻ لڳو. مسلمان موسيقي. شراب ۽ جواب وغيرا جا عادي
اهڙي نازڪ حالات ۾ الله پاڪ هڪ ڪامل ولي کي ماڻهن جي اصلاح جي لاءِ منتخب فرمايو، هن ولي کي اڄ دنيا دنيا شيخ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
مسلک کا تُو امام ہے الیاس قادری تدبیر تیری تام ہے الیاس قادری
تنہا چلا تُو ساتھ ترے ہو گیا جہاں میٹھا ترا کلام ہے الیاس قادری
فکرِ رضا کو کر دیا عالم میں آشکار یہ تیرا اونچا کام ہے الیاس قادری
ہے دعوتِ اسلامی کی دُنیا میں دُھوم دَھام مقبول تیرا کام ہے الیاس قادری([1])
شيخ طريقت امير اهل سنت سيپٽمبر 1981 ۾ دعوت اسلامي جو آغاز فرمايو. پاڻ هي مدني مقصد اپنايو ته مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي پوءِ هن مدني مقصد کي کڻي پاڻ نه ڏينهن ڏٺو نه رات، مسلسل ڪوشش ڪندا هلندا ويا، ايستائين جو الله پاڪ جي ڪرم ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نظرِ عنايت سان، اولياءِ ڪرام جي فيضان سان دعوت اسلامي جو ديني پيغام سڄي دنيا ۾ عام ٿي ويو.
الحمدلله! امير اهل سنت جي مسلسل ڪوششن سان. * جيڪي بي نمازي هئا