Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

۽ غِرمسلمن جو سڀئي ڪوششون ناڪام ڪري ڇڏيون. پنجاب جي زمين تي جڏهن اسلام کي خطرو لاحق ٿيو، داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اسلام جو پرچم بلند ڪيو. ماضي قريب ۾ جڏهن برصغير تي ڪافرن جي حڪومت آئي، مسلمان غلامي جي زنجيرن جکڙجي ويا، اسلام جي خلاف هزارين سازشون رچايون ويون پر الله جو ڪرم ٿيو، بريلوي جا تاجدار، امام احمدرضاخان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه دنيا ۾ جلوه افروز ٿيا، سندن ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ چارون طرف اٿندڙ فتنن جي اڳيان بند ٻڌائين ۽ غير مسلم جي هر سازش کي ناڪام بڻايو. انهي طرح  هر دور ۾ ايئن ٿيو، غير مسلم سالن جا سال ناڪام ڪوششون ڪندا رهيا.

دعوت اسلامي ۽ اولياءِ ڪرام جي نقش سيرت

پيارا اسلامي ڀائرو! اهو ئي ڪم جيڪو پوئين صدين ۾ اولياءِ ڪرام ڪيو، اڄ اهو ئي ڪم دعوت اسلامي ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهي آهي. اڄ جي پُرفتن دور ۾ به اسلام کي سخت ترين خطرات لاحق آهن، هاڻي ڪافر سمجهي چڪا آهن ته اسلام کي تلوار سان مٽائي نٿو سگهي، هاڻي انهن هڪ نئين سازش رٿي ته

یہ فاقہ کش کہ موت سے ڈرتا نہیں ذرا                                                       رُوحِ مُحَمَّد اس کے بدن سے نکال دو

يعني مسلمان موت قطعي طور نٿو ڊڄي، ان کي مٽائڻ جو هڪ ئي طريقو آهي، اهو هيءُ ته سندن دلين مان ايمان، عشق رسول جي دولت ڪڍي ڇڏيو، جڏهن دلين مان ايمان ۽ عشق رسول نڪري ويندن، ته پوءِ ڪهڙي ڪم جا رهندا، صرف نالي جا مسلمان رهجي ويندا.

هن مقصد کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سامراجي طاقتن مختلف ذريعا اختيار ڪيا.