Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
نُورِ خُدا ہے کفر کی حرکت پہ خندہ زَن پھونکوں سے یہ چراغ بجھایا نہ جائے گا
اسلامي تهذيب ۽ ثقافت جي مضبوطي جو راز
هڪ غير مسلم ڪافرن جي ناڪامين تي هڪ ڀيرو تبصرو ڪيو، اهو چئي ٿو: اسان ڏاڍيون ڪوششون ڪيون، سالن جا سال محنتون ڪيون، لکين مسلمان شهيد به ڪيا، ڪيئي سلطنتن جا تختا اونڌا ڪيا، رت جون نديون وهائي ڇڏيوسين، ان جي باوجود اسلامي تهذيب، اسلامي ثقافت ۽ اسلامي فڪر ۽ نظريي کي دنيا مان ختم نه ڪري سگهياسين، ان جو سبب اهو آهي ته جڏهن به اسان اسلام جي خلاف سازشون رٿيون ٿا، اسلام کي جڙ کان مٽائڻ جو پڪو پھ ڪيون ٿا، ته هر ڀيري ڪونه ڪو صوفي باصفا ڪامل ولي دين جي خدمت جي لاءِ اٿي ٿو، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ اسان جي سالن جي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏي ٿو.
اللہ اکبر! سچ اهو جنهن جي گواهي دشمن ڏي، هي واقعي هڪ تاريخي حقيقت آهي. ڪافر سالها سال ڪوششون ڪندا آهن، اسلام خلاف سازشون ڪندا آهن پر جڏهن هي سمجهندا آهن ته هاڻي اسان ڪامياب جي گهڻو ويجهو آهيون، انهي وقت غلامانِ مصطفيٰ مان ڪو مرد قلندر اٿندو آهي ۽ ڪافرن جي سالها سال جون ڪوششون ناڪام بڻائي ڇڏيندو آهي. اهو وقت جڏهن بغداد جي سلطنت دم ٽوڙي رهي هئي، ڪافرن جي سازشن سان مسلمان وکرجي رهيا هئا، ملت اسلاميه جو انتظام بگڙجڻ ئي وارو هيو، انهي وقت سرڪارِ بغداد، حضُر غوث شيخ عبدالقادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تشريف کڻي آيا، پاڻ مسلمانن کي وري متحد ڪيو، سندن ايمان اَفروز بيانن ۽ نيڪي جي دعوت مسلمانن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسلامي روح ڦوڪيو. هند ۾ هر طرف ڪفر ئي ڪفر هي، حضرت خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تشريف کڻي آيا، پاڻ ڪروڙين مسلمانن جي اصلاح فرمائي، لکين لک غير مسلمن کي ڪلمو پڙهائي ڪري مسلمان ڪيو