Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

ختم ٿيندو، اسلام جي شان و شوڪت ۾ نه پهريان ڪمي آئي، نه آينده ايندي، الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو ذڪر پهريان به بلند هيو، هاڻي به بلند آهي ۽ اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  قيامت تائين بلند رهندو، هن ۾ ڪمي نه ايندي بلڪ اضافو ئي ٿيندو ويندو.[1]

مٹ گئے، مٹتے ہیں، مٹ جائیں گے اَعدا تیرے نہ مٹا ہے، نہ مٹے گا کبھی چرچا تیرا

تُو گھٹائے سے کسی کے نہ گھٹا ہے نہ گھٹے                                   جب  بڑھائے  تجھے  اللہ  تَعَالیٰ  تیرا([2])

وُہی دُھوم اُن کی ہے مَا شَآءَ اللہ!                                                                       مِٹ  گئے  آپ  مٹانے  والے([3])

ڦوڪن سان هي چراغ وسائي نٿو سگهجي

 پيارا اسلامي ڀائرومُفّسرين ڪرام هن آيت سڳوري جي حوالي سان هڪ نهايت ايمان اَفروز ڳالھ هي به لکي آهي ته ڪافر هميشه کان هاڻ تائين دينِ اسلامي کي مٽائڻ جي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪندا آيا آهن، مال دولت خرچ ڪندا آهن، پنهنجي افرادي طاقت جو استعمال ڪندا آهن، اڄوڪي دور ۾ ته ٽيڪنالوجي به استعمال ڪئي پئي وڃي، مطلب، ڪافر دين کي مٽائڻ جي لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائيندا آهن پر الله پاڪ انهن جي تمام ڪوششن کي صرف ڦوڪون فرمايو آهي، يعني هي ڪافر جيتري به ڪوشش ڪن، سازشون ڪن، اسلام جي مقابلي ۾ انهن جي حيثيت صرف ڦوڪن جهڙي آهي، جهڙي طرح سج کي ڦوڪون ڏئي وسائي نٿو سگهجي، اهڙي طرح ڪافرن جي ڪوششن سان دين ڪڏهن مٽجي نٿو سگهي. [4]


 

 



[1]

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ: 29۔

[3]... حدائقِ بخشش، صفحہ: 161۔

[4] تفسیر نعیمی،پارہ:10،التوبہ،زیرِ آیت:32،جلد:10، صفحہ:273 خلاصۃً۔