Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

دل کی کلیاں کھلیں قافلے میں چلو                                                                                      رنج و غم بھی مٹیں قافلے میں چلو

دِل کی کالک دُھلے، دردِ عصیاں ٹلے                                                                  آؤ سب چل پڑیں، قافلے میں چلو

دُور بیماریاں اور پریشانیاں                                                                                                           ہوں گی بس چل پڑیں، قافلے میں چلو

فائدہ آخرت کے بنانے میں ہے                                                                              سب مبلغ کہیں قافلے میں چلو([1])

حق ڪڏهن به مٽجندو ناهي!

 اي عاشقانِ رسول!  دين جي خدمت ڪرڻ، دين جي خاطر قربانيون ڏئي ڪري غير مسلمن   جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ اهو مبارڪ ديني ڪم آهي جيڪو هر دور ۾ اولياءِ ڪرام انجام ڏيندا آهن، يقيناً هن نيڪ ڪم ۾ حصيدار  بڻجڻ اسان جي لاءِ سعادت جي ڳالھ آهي، نه ته هي دين ته اهو آهي جنهن کي ربّ ڪريم غالب فرمايو آهي ۽ اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! هي دين قيامت تائين باقي رهندو، الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

یُرِیۡدُوۡنَ  اَنۡ یُّطۡفِـُٔوۡا نُوۡرَ اللّٰہِ بِاَفۡوَاہِہِمۡ وَ یَاۡبَی اللّٰہُ  اِلَّاۤ  اَنۡ  یُّتِمَّ  نُوۡرَہٗ وَ لَوۡ  کَرِہَ  الۡکٰفِرُوۡنَ (۳۲(پارہ:10، التوبہ:32)

ترجموڪنزالعرفان:  اهي چاهين ٿا ته پنهنجي واتان الله جو نور وسائن حالانڪ الله پنهنجي نور کي مڪمل ڪرڻ کان سواءِ مڃيندو جيتوڻيڪ ڪافر ناپسند ڪن.

مفسّرين ڪرام هن آيت جي وضاحت ۾ فرمائن ٿا: ڪافر هي چاهيندا هئا ۽ هاڻي به اهو ئي چاهين ٿا ته محبوب خدا، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر پاڪ روڪي ڇڏين، دين اسلام کي مٽائي ڇڏين پر الله پاڪ ان جو انڪار فرمائي ٿو يعني الله پاڪ ڪافرن جي انهن حرڪتن کان بلڪل راضي ناهي، ڪافرن جي سازشن، انهن جي ڪوشش کان نه پهريان دين ختم ٿيو، نه آينده


 

 



[1]... وسائل بخشش، صفحہ: 676-677 ملتقطًا۔