Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
رهيو آهي. بطور مثال داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ئي سيرت پاڪ پڙهي وٺو! دين سکڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ جي لاءِ راھ خدا ۾ سفر ڪرڻ داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي معمولات ۾ شامل هيو، پاڻ ڪيترائي سفر ڪيا، پاڻ عراق، شام، لبنان، آذربائيجان، خُراسان، ترڪستان ۽ ان کان علاوه ڪيئي ملڪن جو سفر ڪيو، ڄاڻيو ٿا ڇو؟ مال ڪمائڻ جي لاءِ نه، ڪوٺيون، بنگلا بڻائڻ جي لاءِ نه بلڪه علمِ دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ.
۽ هي سفر اوهان کي خبر آهي ڪڏهن ڪيا هئائون، ڦوھ جواني ۾، اهائي جواني جنهن کي اڄڪلھ نادان ماڻهو ديواني چون ٿا، جنهن عمر ۾ ماڻهو عشق مجازي جي آفت ۾ مبتلا ٿي ڪري، عيش ۽ عشرت سان دل لڳائي ڪري، آخرت کي ڀلائي ڪري، قبر ۽ حشر کان ڌيان هٽائي ڪري گناهن جي بازار گرم ڪري رهيا هوندا آهن، فضوليات ۾ وقت برباد ڪندا آهن، داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن عمر ۾ راھِ خدا جا مُسافر بڻجي ڪري دين سکندا ۽ ٻين کي سيکاريندا هئا. پوءِ پاڻ صرف 34 سال جي عمر ۾ غزني کان لاهور جو سفر فرمايائون، هزارون ڪلو ميٽر جو فاصلو...!! ان وقت هوائي جهان به هئا، ڪارون، بسون وغيره به نه هيون، پاڻ پيدل سفر ڪيائون ۽ گهر ٻار ڇڏي ڪري ايترو پري تشريف کڻي آيا، ڇو؟ دين جي خدمت جي لاءِ، سنتن جو پيغام عام ڪرڻ، ڀٽڪيلن کي حق جو رستو ڏيکارڻ جي لاءِ.
لهٰذا اسان به همت ڪيون، الله پاڪ زندگي بخشي آهي، ساھ عطا ڪيو آهي، جواني ڏني آهي، ان کي فضوليات ۾، گناهن ڀري ڪمن ۾ وڃائڻ بدران اولياءِ ڪرام جي نقش قدم تي هلندي، انهن جو فيضان ماڻڻ جي لاءِ مدني قافلي جا مسافر بڻجون، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! اولياءِ ڪرام جي فيضان سان دنيا سنورجي ويندي، آخرت ۾ به ٻيڙو پار ٿي ويندو.