Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِنۡ تَنۡصُرُوا اللّٰہَ یَنۡصُرۡکُمۡ  وَ  یُثَبِّتۡ  اَقۡدَامَکُمۡ (۷(پارہ:26، مُحَمَّد:7)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله جي مدد ڪندؤ ته الله توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان کي ثابت قدمي عطا فرمائيندو.

سُبْحٰنَ اللہ!  معلوم ٿيو جيڪو ٻانهو الله جي دين جي خدمت ڪندو آهي. * علم دين سکندو آهي. * ٻين کي سيکاريندو آهي. * نيڪي جي دعوت عام ڪندو آهي. خدمت دين جي خاطر گهرٻار ڇڏيندو آهي. * پنهنجي ٻارن ٻچن جي جدائي برداشت ڪندو آهي. دور دراز سفر ڪري دين پکيڙيندو آهي. * پاڻ به نيڪون ڪندو آهي، ٻين کي به نيڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، الله پاڪ اهڙي ٻانهي جي مدد فرمائيندو آهي، ان کي نيڪ مقصدن ۾ ڪاميابي عطا فرمائيندو آهي، ان تي مشڪل اچي، پريشاني اچي ته ان جي مدد ڪئي ويندي آهي ۽ مفسرين ايستائين لکيو آهي ته جيڪو ٻانهو دين جي خدمت ڪندو آهي، الله پاڪ دنيا ۾ ان کي ايمان تي استقامت عطا فرمائيند آهي ۽ آخرت ۾ ان کي پلصراط تي ثابت قدمي عطا فرمائيندو آهي.[1]

کرم سے ”نیکی کی دعوت“ کا خوب جذبہ دے                     دُوں دُھوم سُنّتِ محبوب کی مچا یارَبّ!

میں پُل صراط بلاخوف پار کر لُوں گا                                                                       ترے کرم کا سہارا جو مِل گیا یارَبّ! ([2])

داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو پاڪيزه انداز

 پيارا اسلامي ڀائرو!  دين جي تبليغ جي خاطر راھ خدا ۾ سفر ڪرڻ کي مدني قافلو چوڻ دعوت اسلامي جي پنهنجي اصطلاح آهي، البته! هي ڪم يعني دين جي تبليغ جي لاءِ راھ خدا ۾ سفر ڪرڻ اولياءِ ڪرام جي معمولات ۾ شامل


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان،پارہ:26،مُحَمَّد،زیرِ آیت:7 ،جلد:9،صفحہ:298 خلاصۃً۔

[2]... وسائل بخشش، صفحہ: 77 ملتقطاً۔