Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
معتبر ڪتاب آهن، انهن ۾ به ڪرامتن جو بيان موجود آهي ته) لهٰذا ڪرامتن جو انڪار ڪرڻ اصل ۾ قرآني آيتن ۽ احاديث مصطفيٰ جو انڪار آهي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! داتا حضُور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي مدني قافلي وارن سان ڪهڙي محبت آهي، اوهان ڪهڙي نرالي انداز سان مدني قافلي وارن عاشقانِ رسول جي خيرخواهي فرمائي. هن مان معلوم ٿيو، مدني قافلن جو مسافر بڻجڻ اولياءِ ڪرام جي نگاھِ ڪرم حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي.
دیتے ہیں فیض عام، اولیائے کرام لوٹنے سب چلیں، قافلے میں چلو
اولیا کا کرم، تم پہ ہو لاجَرَم خوب جلوے ملیں، قافلے میں چلو
بےعمل باعمل بن گئے خاص کر آپ بھی دیکھ لیں، قافلے میں چلو([2])
اوهان کي به درخواست آهي، الله ۽ رسول جي رضا ماڻڻ جي لاءِ، نيڪيون ڪمائڻ جي لاءِ، سنتون سکڻ ۽ سيکارڻ جي لاءِ، نيڪ نمازي بڻجڻ ۽ بنائڻ جي لاءِ، عشق رسول، محبت صحابه و اهل بيت جو چراغ سيني ۾ ٻارڻ جي لاءِ ۽ فيضان اولياء ماڻڻ جي لاءِ مدني قافلن ۾ سفر ڪيو! زندگي ۾ 12 مهينا، هر 12 مهينن ۾ 30 ڏينهن ۽ هر مهيني ۾ گهٽ مان گهٽ 3 ڏينهن مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جو پنهنجو معمول بڻايو!
پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً جيڪو الله پاڪ جي دين جي خدمت ڪندو آهي، الله پاڪ ان جي مدد فرمائيندو آهي. سيپاري:26، سورت محمد، آيت: 7 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: