Book Name:Dawat e Islami Faizan e Auliya Hai
عاشقانِ رسول سان تمام گهڻي محبت سان ملاقات ڪئي، پوءِ چوڻ لڳو، اَلحَمدُلله اڄ رات منهنجي قسمت جو ستارو چمڪيو ۽ حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مون گناهگار جي خواب ۾ آيا ۽ ڪجهه هن طرح فرمايائون، ”دعوتِ اسلاميءَ جي مدني قافلي وارا عاشقانِ رسول ٽن ڏينهن جي لاءِ منهنجي مسجد ۾ ترسيل آهن تنهنڪري توهان انهن جي کاڌي جو انتظام ڪريو.“ تنهنڪري مان مدني قافلي وارن جي خيرخواهيءَ جي لاءِ کاڌو آندو آهي، توهان قبول فرمايو.[1]
کیا غرض دَر دَر پھروں میں بھیک لینے کے لئے ہے سلامت آستانہ آپ کا داتا پیا
جھولیاں بھر بھر کے لے جاتے ہیں منگتے رات دِن ہو مِری اُمِّید کا گلشن ہَرا داتا پیا([2])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا شان آهي داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي...!! الحمدلله! الله پاڪ جي ڪرم سان، ان جي عطا سان اولياءِ ڪرام کي هي طاقت ملندي ته هُو دنيا مان وڃڻ کان بعد قبرن ۾ زندھ رهندا آهن، پنهنجي غلامن کي ڏسندا به آهن، الله چاهي ته ڪرم به فرمائيندا آهن. ايئن وصال کان بعد به زندھ ماڻهن جي خبر هجڻ ۽ انهن جي خيرخواهي فرمائڻ هي اولياءِ ڪرام جي ڪرامت آهي ۽ ڪرامت حق هوندي آهي. داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ پنهنجي مشهور ڪتاب کَشْفُ المَحْجُوب شَرِیْف ۾ فرمائن ٿا: اولياءِ ڪرام کان ڪرامتون ظاهر ٿينديون آهن، هي ڳالھ قرآنِ پاڪ مان به ثابت آهي ۽ احاديث مان به ثابت آهي. (قرآن ڪريم ۾ ڪيئي ڪرامتون بيان ٿيون آهن: مثلاً حضرت عيسي جي امڙ سائڻ، حضرت مريم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جون ڪرامتون قرآن پاڪ ۾ بيان ٿيون، حضرت آصف بن برخيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جون ڪرامتن جو بيان قرآن مجيد ۾ آهي، ايئن ئي حديثن بلڪ بخاري ۽ مسلم شريف جيڪي حديث پاڪ جا سڀني کان