Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein
* حُضُور نور وارا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن نمازِ فجر پڙھندا هئا ته چارزانو (يعني پالٿي ماري) ويهندا هئا، ايستائين جو سج چڱي طرح اُڀري ويندو هو۔ * حُضُورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن ڪنهن مجلس ۾ ڪنهن پاسي پير ٽيڙي نه ويهندا هئا، نه اولاد ڏانهن، نه ازواجِ پاڪ ڏانهن، نه غُلامن ڏانهن * مبلغ ۽ مُدَرِّس جي لاءِ بيان ۽ تدريس دوران سُنّت هي آهي ته پٺ قبلي ڏانهن رکي ته جيئن انهن کان علم جون ڳالهيون سکڻ وارن جو رُخ قبلي ڏانهن ٿي سگھي۔
ويهڻ جا آداب: * دو زانو (يعني جهڙي طرح نماز ۾ اَلتّحِيات ۾ ويهبو آهي، اهڙي طرح ويهڻ) اَفضَل آهي * حضرت ابنِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا اڪثر قبلي ڏانهن منهن ڪري ويهندا هئا * اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پِير ۽ اُستاد جي ويهڻ جي جڳھ تي انهن جي غير موجودگي ۾ به نه ويهي۔ * جڏهن ڪنهن اجتماع يا مجلس ۾ اچو ته ماڻهن کي اورانگهي اڳتي نه وڃو، جتي جڳھ ملي اتي ويهي رهو * جڏهن ويهو ته جوتا لاهي وٺو اوهان جا پير آرام ڪندا * جڏهن به ويهو ته پردي واري جڳهن جي ڪيفيت نظر نه اچڻ گھرجي، لهٰذا ”پردي ۾ پردي“ جي لاءِ گوڏن کان قدمن تائين چادر وجهو، جيڪڏهن ڪرتو سُنّت مطابق اڌ پني تائين هجي ته ان جي دامن سان به ”پردي ۾ پردو“ ڪري سگھجي ٿو .[1]
مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو،
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد