اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

پنهنجي زندگي جو حصو بڻايون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا به سنورجي ويندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي.

 اِنّا لِلّٰہ  جي معنيٰ آهي: اسان الله ئي جا آهيون. ۽ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن جي معنيٰ آهي: ۽ اسان انهي جي طرف موٽڻ وارا آهيون. اِنّا لِلّٰہ ۾ بندگي جو اظهار آهي يعني اسان هي چوندا آهيون ته اسان ٻانها آهيون، الله پاڪ اسان جو خالق آهي، اهو ئي اسان رازق آهي، اهو ئي اسان جو مالڪ آهي. وَاِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن مان هن ڳالھ جو اقرار آهي ته اسان کي هتي هميشه ناهي رهڻو، هڪ ڏينهن ايندو، جڏهن حضرت ملڪ الموت تشريف کڻي ايندا، روح بدن مان نڪرندي، پوءِ اسان کي انڌيري قبر ۾ لاٿو ويندو، جيستائين الله پاڪ چاهيندو، اسان اُتي رهنداسين، پوءِ اسان کي هن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻو پوندو.

هي ٻه سبق آهن: (1) مان ٻانهون آهيان، تنهنڪري مون گهرجي ته مان ٻانهي بڻجي ڪري رهان، علامه شعراني ٻانهپ جا اداب لکندي فرمائن ٿا: * جيڪو ٻانهو هوندو آهي اهو هميشه پنهنجي مالڪ ئي جي طرف متوجھ رهندو آهي، ڪنهن ٻي شيءِ جي طرف رُخ ناهي ڪندو. * دنياوي عيش ۽ عشرت، مال ۽ دولت، آرام ۽ سڪون وغيره سان  دل ناهي لڳائيندو، هميشه پنهنجي خالق ۽ مالڪ سان ئي مُحبت ڪندو آهي. جيڪو ٻانهو هوندو آهي اهو هميشه هرحال ۾ پنهنجي مالڪ جي رضا ۾ راضي رهندو آهي. * جيڪو ٻانهو هوندو آهي اهو ڪنهن شيءِ تي پنهنجي ملڪيت ناهي جتائيندو، هميشه اهو ئي سمجهندو آهي ته مون وٽ جيڪو ڪجھ آهي، اهو منهنجي مالڪ ئي جو آهي، انهي پنهنجي فضل و ڪرم سان مون کي عطا ڪيو آهي، اهو جڏهن چاهي مون کان واپس وٺي سگهي ٿو. * جيڪو ٻانهو هوندو آهي اهو ڪنهن شيءِ تي فخر ۽ غرور ناهي ڪندو، جيڪو ڪجھ عبادت ۽ اطاعت ڪري سگهندو آهي،