Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein
ناهي۔ (يعني اسان جي طريقي تي ناهي) [1]
* اسان جي سچي نبي، پياري نبي، آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ثَلَاثٌ مَنْ کُنَّ فِیْہِ لَمْ یَنَلِ الدَّرَجَاتِ الْعُلٰی مَنْ تَکَہَّنَ أَوِ اسْتَقْسَمَ اَوْ رَدَّہُ مِنْ سَفَرِہٖ طِیَرَۃٌ يعني ٽي شيون جنهن شخص ۾ هجن، اهو بلند درجن تائين نٿو پهچي سگهي (1) جيڪو پنهنجي اٽڪل سان غيب جي خبر ڏئي (يعني پهريان جي ڳالهه ٻڌائي) (2) فال جي تيرن مان پنهنجي قسمت معلوم ڪري يا (3) بدشگوني جي سبب پنهنجي سفر کان رڪجي وڃي۔
* رسول بي مثال، بيبي آمنه جي لال صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: اَلطِّیَرَۃُ شِرْکٌ اَلطِّیَرَۃُ شِرْکٌ ثَلَاثًا وَمَا مِنَّا اِلَّا وَلٰکِنَّ اللّٰہَ یُذْهِبُہُ بِالتَّوَکُّلِ يعني بدفالي وٺڻ شرڪ آهي، بدفالي وٺڻ شرڪ آهي، اهو ٽي ڀيرا فرمايائون، (پوءِ ارشاد فرمايائون:) اسان مان هر شخص کي اهڙو خيال اچي ويندو آهي پر الله عَزَّوَجَلَّ توڪّل جي ذريعي ان کي ختم فرمائي ڇڏيندو آهي۔[2]
هن حديث جي حوالي سان عالم سڳورا فرمائن ٿا: بدشگوني وٺڻ کي شرڪ قرار ڏنو ويو آهي ڇو ته جاهليّت واري زماني ۾ ماڻهن جو اعتقاد هوندو هو ته بدشگوني جي تقاضي تي عمل ڪرڻ سان انهن کي نفعو حاصل ٿيندو آهي يا انهن کان تڪليف ۽ پريشاني ختم ٿيندي آهي ۽ جڏهن انهن انهيءَ تقاضي تي عمل ڪيو ڄڻ ته انهن الله عَزَّوَجَلَّ سان شرڪ ڪيو ۽ ان کي شرڪ خفي چيو ويندو آهي (جيڪو گناهه آهي) ۽ جيڪڏهن ڪنهن شخص هي عقيدو رکيو ته فائدو ڏيارڻ ۽ مصيبت ۾ مبتلا ڪرڻ واري الله تعاليٰ کان سواءِ ڪا ٻي ذات