اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

ابوطلحه رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ فرمايو: هيءَ تمام بُري ڳالھ آهي، جيڪا شيءِ عارضي طور تي ورتي آهي، اها واپس موٽائڻ گهرجي. حضرت اُمّ سليم رَضِىَ اللهُ  عَـنْها  چيو: الله پاڪ اسان کي بطور امانت هڪ پٽ ڏنو هيو، اڄ ان واپس وٺي ڇڏيو.

اللهُ اڪبر! هڪ ماءُ جو هي ڪهڙو عظيم صبر آهي؟ حضرت اُمّ سليم رَضِىَ اللهُ  عَـنْها    ڪيتري همت ڏيکاري ۽ ڪهڙي نه حڪمت سان غم جي خبر ٻڌائي..!! سُبْحٰنَ اللہ! حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ جڏهن اهڙي حڪمت واري ڳالھ ٻڌي ته سندن کي صبر اچي ويو، پاڻ الله پاڪ جي حمد ڪيائون ۽ پڙهيائون: اِنّا لِلّٰہ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن.

 ٻئي ڏينهن پاڻ بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، سڄي ڳالھ عرض ڪئي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  دعا ڏيندي چيو: اي الله پاڪ! انهن جي لاءِ سندن رات ۾ برڪت عطا فرماءِ. پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي دعا جو اثر هي ٿيو جو هن واقعي کي اڃ هڪ سال مس گذريو هيو ته الله پاڪ کين هل چنڊ ڪهڙو پٽ عطا فرمايو، ان جو نالو انهن عبدالله رکيو.[1] راوي چون ٿا: حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ جي اولاد مان وڏا وڏا عالم سڳورا پيدا ٿيا، ايئن ان جي بي مثال صبر جو انهن کي بهترين بدلو عطا ٿيو، پٽ به مليو ۽ انهن جو گهر عالمن سان ڀرجي ويو. [2]

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ وڏو بي نياز آهي، اهو ٿوري تي به نوازي ڇڏي ٿو، اسان ان جي حڪم تي عمل ڪيو، ان جي رضا تي راضي رهون، مقيبت اچي، مشڪل اچي ته صبر ڪيون، اِنّا لِلّٰہ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن  پڙهون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مصيبت ۾ به آساني ملندي، ڍير سارو ثواب ملندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته بهترين بدلو عطا ٿيندو.


 

 



[1] مسلم،کتاب فضائل الصحابہ،باب من فضائل ابی طلحہ،صفحہ:957،حدیث:2144۔

[2] عمدۃ القاری،کتاب العقیقۃ ،باب تسمیۃ المولود…الخ،جلد:،صفحہ:466،تحت الحدیث:5470۔